49 منهنجي اک پئي وهي ۽ ڪنهن بہ فرجي کان سواءِ بس نٿي ڪري،
49 تيستائين لڳاتار وهندڙ واهيءَ جيان، منهنجي اکين مان سدائين لڙڪ وهندا رهندا،
مون پنهنجي مصيبت جي ڏينهن خداوند کي ڳوليو: مون رات جو پنهنجا هٿ ڊگهيريا ۽ ڍرا ڪين ڪيم؛ پر منهنجيءَ جان کي تسلي ڪانہ آئي.
۽ تون هنن کي هي ڪلام چئج، تہ منهنجون اکيون رات ڏينهن ڳوڙها پيون ڳاڙين، ۽ هو ڀلي تہ بس نہ ڪن؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڪنواري ڌيءَ، هڪڙي وڏي ڦٽ سان، ۽ هڪڙي تمام وڏي زخم سان ڦٽجي پئي آهي.
انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ روئان ٿي؛ منهنجي اک، منهنجي اک مان پاڻي وهي ٿو؛ ڇالاءِ جو جيڪو دلاسي ڏيندڙ منهنجي روح کي تازي ڪرڻ وارو آهي، سو مون کان پري آهي: منهنجا ٻار ٻچا رلي ويا آهن، ڇالاءِ جو دشمن غالب پئجي ويو آهي.
هنن جي دل خداوند کي دانهن ڪري چيو: اي صيون جي ڌيءُ جي ڀت، ڀلي تہ رات ڏينهن تنهنجا لڙڪ نديءَ وانگر پيا وهن؛ پاڻ کي ڪابہ ساهي نہ ڏي؛ ڀلي تہ تنهنجي اک جي ماڻڪي بيهي نہ رهي.