Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 3:48 - Sindhi Bible

48 منهنجي اک مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ ناس ٿي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

48 آءٌ وڌيڪ ٻاڏائيندي چوان ٿو تہ اي خداوند! منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم وارا تباهہ وَ برباد ٿي رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 3:48
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجن اکين مان پاڻيءَ جون نديون پيون وهن، ڇو جو هو تنهنجيءَ شريعت تي عمل نٿا ڪن.


اسان بابل جي ندين جي ڪپ تي ويهي، صيون کي ياد ڪري رُنو.


پر جي اوهين نہ ٻڌندا تہ منهنجو روح ڳجهيءَ طرح اوهان جي مغروريءَ جي ڪري رئندو؛ ۽ منهنجون اکيون زار زار رئنديون ۽ ڳوڙها وهائينديون، ڇالاءِ جو خداوند جو ڌڻ قيد ٿي ويو آهي.


۽ تون هنن کي هي ڪلام چئج، تہ منهنجون اکيون رات ڏينهن ڳوڙها پيون ڳاڙين، ۽ هو ڀلي تہ بس نہ ڪن؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڪنواري ڌيءَ، هڪڙي وڏي ڦٽ سان، ۽ هڪڙي تمام وڏي زخم سان ڦٽجي پئي آهي.


منهنجا آنڊا، منهنجا آنڊا! منهنجي دل ۾ اصل درد آهي؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ بي آرام آهي؛ آءٌ ماٺ ۾ رهي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اي منهنجا روح تو قرناءِ جو آواز ۽ جنگ جو نعرو ٻڌو آهي.


اڙي جي منهنجو مٿو پاڻي هجي ها، ۽ منهنجون اکيون لڙڪن جو چشمو هجن ها تہ چڱو هو، جو آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڪُٺلن جي لاءِ پيو روئان ها!


۽ جلدي ڪري اسان جي لاءِ اوسارڻ قبول ڪن، تہ اسانجين اکين مان ڳوڙها وهن، ۽ اسان جن ڇپرن مان پاڻي جاري ٿئي.


انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ روئان ٿي؛ منهنجي اک، منهنجي اک مان پاڻي وهي ٿو؛ ڇالاءِ جو جيڪو دلاسي ڏيندڙ منهنجي روح کي تازي ڪرڻ وارو آهي، سو مون کان پري آهي: منهنجا ٻار ٻچا رلي ويا آهن، ڇالاءِ جو دشمن غالب پئجي ويو آهي.


منهنجون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ضعيف ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين، منهنجو جگر منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ناس ٿيڻ ڪري زمين تي هارجي پيو آهي؛ ڇالاءِ جو ننڍا ٻار ۽ کير پياڪ ٻار شهرن جي گهٽين ۾ بيهوش ٿي وڃن ٿا.


هنن جي دل خداوند کي دانهن ڪري چيو: اي صيون جي ڌيءُ جي ڀت، ڀلي تہ رات ڏينهن تنهنجا لڙڪ نديءَ وانگر پيا وهن؛ پاڻ کي ڪابہ ساهي نہ ڏي؛ ڀلي تہ تنهنجي اک جي ماڻڪي بيهي نہ رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ