41 اچو تہ اسين پنهنجي دل پنهنجن هٿن سان خدا ڏانهن کڻون، جو آسمان ۾ آهي.
41 اچو تہ اسين پنهنجي دل جي گھراين سان خدا جي حضور ۾ دعا لاءِ آسمان ڏانهن هٿ کڻي چئون تہ
جيڪڏهن تون پنهنجي دل سنئين رکندين، ۽ پنهنجا هٿ هن ڏي ڊگهيريندين
اوهين پاڪ مڪان ڏانهن پنهنجا هٿ کڻو، ۽ خداوند کي مبارڪ چئو.
شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ لوبان وانگي ٿئي؛ ۽ منهنجي هٿن جو مٿي کڻڻ سانجهيءَ جي قربانيءَ وانگر ٿئي.
اي خداوند، آءٌ پنهنجي جان کي توسان لڳايان ٿو.
جڏهن آءٌ تنهنجي پاڪ حجري ڏانهن پنهنجا هٿ کڻي توکي پڪاريان، تڏهن تون منهنجي دعا جو آواز ٻڌ.
انهي ڪري جيسين آءٌ جيئندس، تيسين توکي مبارڪ چوندس: ۽ تنهنجو نالو وٺي پنهنجا هٿ مٿي کڻندس.
اي خداوند پنهنجي بندي جي جان کي خوش ڪر؛ ڇو جو اي خداوند، آءٌ پنهنجي جان کي تو ڏانهن رجوع ٿو ڪريان.
ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.
اهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي ڏاڍي سڪ هئي، تنهنڪري نہ فقط اوهان کي خدا جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، پر پنهنجو ساهہ بہ ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، جو اوهين اسان کي ڏاڍا پيارا ٿي لڳا.