Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 3:40 - Sindhi Bible

40 اچو تہ اسين پنهنجا رستا ڳوليون ۽ آزمايون، ۽ وري بہ خداوند ڏي ڦرون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 انهيءَ جي بجاءِ اچو تہ اسين پنهنجي چال چلت بابت سوچ ويچار ڪريون، ۽ پوءِ وري خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 3:40
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ قاصد بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خط کڻي ساري اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ ويا، ۽ بادشاهہ جي حڪم موجب چيائون تہ اي بني اسرائيليو، اوهين خداوند، ابرهام ۽ اسحاق ۽ اسرائيل جي خدا ڏانهن موٽو، تہ هو اوهان مان جيڪي اسور جي بادشاهن جي هٿن کان باقي بچيا آهن، تن ڏانهن موٽي.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين خداوند ڏانهن ڦرندا، تہ اوهانجن ڀائرن ۽ اوهان جي اولاد تي اُهي رحم ڪندا، جي انهن کي قيد ڪري کڻي ويا آهن، ۽ هو وري هن زمين ۾ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا فضل ۽ رحم وارو آهي ۽ اوهان کان پنهنجو منهن نہ ڦيرائيندو، بشرطيڪ اوهين هن ڏي موٽندا.


مون پنهنجين واٽن تي غور ڪيو، ۽ پنهنجا پير تنهنجين شاهدين ڏانهن ورايم.


ڊڄندا رهو، ۽ گناهہ نہ ڪريو؛ پنهنجي هنڌ تي ليٽي دل ۾ هنڊايو، ۽ ماٺ ۾ رهو.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو.


ڇالاءِ جو هو ويچاري ٿو، ۽ جيڪي گناهہ ڪيا اٿس، تن سڀني کان توبهہ ڪري ٿو، تنهنڪري يقيناً هو جيئرو رهندو ۽ مرندو ڪين.


تنهنڪري تون خداوند ڏانهن ڦر، نيڪي ۽ راستيءَ کي قائم ڪر، ۽ هميشہ پنهنجي خدا تي ڀروسو رک.


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


اچو تہ خداوند وٽ موٽي هلون: ڇالاءِ جو هن ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪندو؛ هن ضرب رسائي آهي، ۽ هو ئي اسان کي پَٽي ٻَڌندو.


پهريائين دمشق جي ماڻهن کي، ۽ پوءِ يروشلم ۾، ۽ يهوديہ جي ساري ملڪ ۾، ۽ غير قومن کي بہ چوندو رهيس تہ اُهي توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ اهڙا ڪم ڪن جي توبهہ ڪندڙن جي لائق هجن.


تنهنڪري هرڪو ماڻهو پاڻ کي پرکي ۽ خيال سان انهيءَ مانيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي.


پر جي اسين پاڻ کي جاچيون ها تہ اسان کي سزا نہ ملي ها.


اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آهيو يا نہ؛ ۽ پاڻ کي آزمايو. يا اوهان کي اها خبر ڪانهي ڇا، تہ يسوع مسيح اوهان ۾ آهي؟ بي وفا هجو تہ ٻي ڳالهہ آهي.


جڏهن تون مصيبت ۾ گرفتار ٿيندين، ۽ هي سڀ حادثا تو تي اچي پوندا، تڏهن تون پوين ڏينهن ۾ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين، ۽ هن جو چوڻ مڃيندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ