Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 3:38 - Sindhi Bible

38 خدا تعاليٰ جي حڪم سان بڇڙائي ۽ چڱائي نٿي اچي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 نيڪي هجي توڙي بدي، سڀ خدا تعاليٰ جي حڪم سان ئي ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 3:38
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ دائود تي لعنت ڪر؛ تڏهن ڪير چوندو تہ تو ڇو هيئن ڪيو آهي؟


پر هن چيس تہ تون ائين ٿي ڳالهائين جيئن ڪا بي عقل زال ڳالهائي. ڇا، اسين خدا جي هٿان چڱائي قبول ڪريون، ۽ بڇڙائي قبول نہ ڪريون؟ انهيءَ هوندي بہ ايوب پنهنجن چپن سان گناهہ نہ ڪيو.


پر خدا ئي منصف آهي: هو هڪڙي کي ڪيرائي ٿو، ٻئي کي چاڙهي ٿو.


گهڻا ئي حاڪم جي مهرباني ڳولين ٿا: پر ماڻهوءَ جي عدالت خداوند وٽان ٿي اچي.


سک جي ڏينهن خوش ٿي، ۽ ڏک جي ڏينهن ويچار ڪر: خدا هڪڙي کي ٻئي جي پاسي ۾ بنايو آهي، انهيءَ مطلب لاءِ تہ ماڻهو اهڙي ڪابہ شيءِ معلوم نہ ڪري جا کانئس پوءِ ٿئي.


آءٌ روشنائي جوڙيان ٿو، ۽ اونداهي پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ سلامتي ٿو آڻيان، ۽ مصيبت پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ اهو خداوند آهيان جو اهي سڀ ڪم ٿو ڪريان.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيئن مون هي وڏي خرابي هن قوم تي آندي آهي تيئن آءٌ هنن تي جنهن چڱائي جو ساڻن انجام ڪيو اٿم سا سڀ هنن تي آڻيندس.


ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ