۽ بادشاهہ چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ دائود تي لعنت ڪر؛ تڏهن ڪير چوندو تہ تو ڇو هيئن ڪيو آهي؟
پر هن چيس تہ تون ائين ٿي ڳالهائين جيئن ڪا بي عقل زال ڳالهائي. ڇا، اسين خدا جي هٿان چڱائي قبول ڪريون، ۽ بڇڙائي قبول نہ ڪريون؟ انهيءَ هوندي بہ ايوب پنهنجن چپن سان گناهہ نہ ڪيو.
جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس: