36 ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو بگاڙڻ، خداوند کي پسند نہ آهي.
36 هو اهو بہ ڏسي ٿو تہ عدالت ۾ انصاف کي بگاڙيو ٿو وڃي.
۽ جڏهن انهيءَ جي سوءَ پوري ٿي، تڏهن دائود هن کي گهرائي پنهنجي گهر آندو، ۽ هوءَ سندس زال ٿي، ۽ انهيءَ منجهان هڪڙو پٽ ڄائس. پر اهو جيڪو ڪم دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.
اي خداوند اهي تنهنجيءَ اُمت کي پيڙين ٿا، ۽ تنهنجيءَ ميراث کي ڏکوئين ٿا.
جيڪڏهن تون چوندين تہ ڏس اسين هي نٿا ڄاڻون: تہ جيڪو دليون توري ٿو سو انهيءَ جو ويچار نہ ڪندو ڇا؟ ۽ جيڪو تنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو اهو نہ ڄاڻندو ڇا؟ ۽ اهو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪيتي موافق عيوضو نہ ڏيندو ڇا؟
هائو، سچائي گم ٿي وئي آهي؛ جيڪو بديءَ کان پري ٿو ڀڄي سو پاڻ کي شڪار ٿو بنائي: ۽ خداوند اهو ڏٺو تہ عدالت آهي ئي ڪانہ، ۽ هن کي رنج ٿيو.
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين عدالت ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو: ۽ مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زال سان ناحق ۽ ظلم نہ ڪريو، نڪي هن هنڌ بي گناهہ جو رت هاريو.
اي خداوند، تو منهنجي مظلومي ڏٺي آهي؛ تون منهنجو مقدمو فيصل ڪر.
تنهنجون اکيون اهڙيون پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسي نٿو سگهين، ۽ شرارت ڏي نهاري نٿو سگهين، سو ڪهڙي سبب هنن تي نظر ٿو ڪرين جي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ جڏهن شرير، پاڻ کان وڌيڪ سچي ماڻهو کي ڳهي وڃي ٿو، تڏهن ڇو ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؛
جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو تڪرار ٿئي، ۽ اهي عدالت ۾ اچن، ۽ قاضي انهن جو انصاف ڪن؛ تہ هنن کي گهرجي تہ راستباز کي بيگناهہ ٺهرائين، ۽ شرير کي سزا ڏين؛