33 ڇالاءِ جو هو ڏک ڏيڻ پسند نٿو ڪري، ۽ نہ آدمزاد کي ڏکوئڻ چاهي ٿو.
33 پروردگار ڏک ڏيڻ پسند نہ ٿو ڪري، نڪي هو انسان کي ايذائڻ ٿو چاهي.
قادر مطلق کي اسين معلوم ڪري نٿا سگهون؛ طاقت جي ڪري هو نهايت چڱو آهي: ۽ عدالت ۽ گهڻي انصاف ڪري هو ظلم نہ ڪندو.
مون تي مصيبتون آيون تنهن کان اڳي آءٌ گمراهہ هوس؛ پر هاڻي تنهنجي ڪلام تي عمل ٿو ڪريان.
چڱو ٿيو جو مون ڏک سٺا؛ تہ آءٌ تنهنجا قانون سکان.
ڇالاءِ جو خداوند اهڙو اُٿلندو جهڙو پراضيم جبل تي، ۽ اهڙو ڪاوڙبو جهڙو جبعون جي واديءَ ۾؛ انهي لاءِ تہ هو پنهنجو ڪم، بلڪ پنهنجو عجيب ڪم ڪري، ۽ پنهنجو عمل، بلڪ پنهنجو عجيب عمل آڻي پورو ڪري.
زمين جا سڀ قيدي پير هيٺ چپڻ،
خداوند خدا ٿو فرمائي تہ جيڪو مري ٿو تنهن جي مرڻ ڪري مون کي خوشي ڪانہ ٿي ٿئي: تنهنڪري اوهين ڦرو ۽ جيئرا رهو.
انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ مون کي شرير جي موت سان ڪا خوشي حاصل نٿي ٿئي؛ پر هن ڳالهہ مان ٿي ٿئي تہ اُهو شرير پنهنجي رستي کان ڦري ۽ جيئرو رهي: پنهنجن خراب رستن کان اوهين ڦرو، اوهين ڦرو؛ ڇالاءِ جو، اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين ڇو ٿا مرڻ گهرو؟