29 هن کي کپي تہ پنهنجو وات مٽيءَ تي رکي؛ شايد انهيءَ ۾ ڪا اُميد هجي.
29 هن کي ٻاڏائيندي زمين تائين منهن جھڪائڻ گھرجي، تہ من اميد آسري جي ڪا صورت نڪري.
۽ جڏهن هو اهڙي مصيبت ۾ پيو، تڏهن خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهرڻ لڳو، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي اڳيان پاڻ کي نماڻو ڪيائين.
مون پنهنجي کل تي کٿو سبيو آهي، ۽ پنهنجو سڱ مٽيءَ ۾ رکيو اٿم.
ڏس آءٌ ڪي ڪين آهيان: توکي ڪهڙو جواب ڏيان؟ آءٌ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي ٿو رکان.
۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ تنهنجي پڇاڙيءَ جي لاءِ اميد آهي؛ ۽ تنهنجا ٻار پنهنجي ملڪ ۾ موٽي ايندا.
۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون توکي معاف ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون ياد ڪرين ۽ لڄي ٿين، ۽ شرم جي ڪري وري اڳتي پنهنجو وات نہ پٽين؛ خداوند خدا ٿو فرمائي.
ڪنهن کي خبر تہ هو نہ ڦرندو ۽ پنهنجي پٺيان برڪت نہ ڇڏي ويندو، يعني خداوند اوهان جي خدا لاءِ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني؟
ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون.
زمين جا سڀ حليم، يعني اوهين گڏ ٿيو، جن خداوند جو حڪم بجا آندو آهي، ۽ هن کي ڳوليو؛ سچائي ۽ حلم کي ڳوليو: امڪان آهي تہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن اوهين لڪايا وڃو.
پر هن ٺيڪيدار پري بيهي مٿي آسمان ڏانهن اکيون بہ نہ کنيون، پر ڇاتي ڪُٽي چوڻ لڳو، تہ اي خدا، مون گنهگار تي رحم ڪر.
هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.