28 هن کي اڪيلو ٿي ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هن اُها سندس مٿان رکي آهي.
28 جڏهن جوانيءَ ۾ مشڪلاتون اچن، تڏهن بجاءِ ٻين کي ٻڌائڻ جي خاموشيءَ سان صبر ڪري.
اڄ بہ منهنجي فرياد ڏک سان ڀريل آهي: منهنجي مار منهنجي چيچلائڻ کان ڳري آهي.
آءٌ اوجاڳا پيو ڪڍان، آءٌ انهيءَ جهرڪيءَ وانگي آهيان جا کڏ تي اڪيلي ويٺي هجي.
پنهنجي آفت مون کان پري ڪر؛ آءٌ تنهنجي هٿ جي ڌڪ کان نابود ٿو ٿيان.
آءٌ گونگو ٿي رهيس، مون پنهنجو وات نہ پٽيو؛ ڇو جو تو ئي ائين ڪيو آهي.
جيڪي چرچا گهٻا ٿا ڪن تن جي مجلس ۾ آءٌ نہ ويٺس ۽ نہ خوشي ڪيم: آءٌ تنهنجي هٿ جي ڪري اڪيلو ويٺس؛ ڇالاءِ جو تو مون کي ڪاوڙ سان ڀري ڇڏيو آهي.
صيون جي ڌيءَ جا بزرگ زمين تي ويهن ٿا، هو ماٺ ڪري ويٺا آهن؛ هنن پنهنجن مٿن تي مٽي وسائي آهي؛ هنن پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا آهن: يروشلم جون ڪنواريون ڇوڪريون پنهنجا مٿا زمين تائين جهڪائين ٿيون.
ماڻهوءَ جي لاءِ اهو چڱو آهي تہ هو پنهنجي جوانيءَ ۾ پاڃاري کڻي.