Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 3:26 - Sindhi Bible

26 ائين چڱو آهي تہ ماڻهو اُميد رکي، ۽ خداوند جي نجات لاءِ منتظر رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 اسان لاءِ اهو ڪافي آهي جو اسين صبر سان انتظار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اسان کي مصيبتن کان بچائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 3:26
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، آءٌ تنهنجي نجات جو منتظر آهيان.


اوهان کي هن جنگ ۾ وڙهڻ جو ضرور نہ ٿيندو: پاڻ کي تيار ڪري ماٺ ڪري بيهي رهو، پوءِ اي يهوداہ ۽ يروشلم، خداوند جو ڇوٽڪارو جو اوهان ساڻ آهي ڏسجو: ڊڄو نہ، نہ ڪو خوف ڪريو: سڀاڻي هنن تي ڪاهي وڃجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان سان آهي.


اي خداوند مون تنهنجيءَ نجات جي اميد رکي آهي، ۽ تنهنجن حڪمن تي هليو آهيان.


اي خداوند آءٌ تنهنجيءَ نجات جو مشتاق آهيان؛ ۽ تنهنجيءَ شريعت ۾ منهنجي خوشي آهي.


آءٌ خداوند جي انتظار ۾ آهيان، منهنجي جان مشتاق آهي ۽ سندس ڪلام ۾ منهنجي اميد آهي.


خداوند جي انتظار ۾ رهہ، ۽ هن جي واٽ تي هل، ۽ هو توکي زمين جي وارث ٿيڻ لاءِ سرفراز ڪندو: ۽ جڏهن بڇڙا تباهہ ٿيندا، تڏهن تون اُهو ڏسندين.


خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر.


آءٌ هميشہ تنهنجو شڪرگذار رهندس، ڇو جو تو ائين ڪيو آهي: آءٌ تنهنجي پاڪ بندن جي اڳيان تنهنجي نالي جو منتظر رهندس ڇالاءِ جو اُهو چڱو آهي.


اي خداوند آءٌ تنهنجي حضور ۾ خوشيءَ جي قرباني چاڙهيندس: آءٌ تنهنجي نالي جي شڪر گذاري ڪندس، ڇو جو اهو چڱو آهي.


رڳو اهو ئي منهنجو ٽڪر ۽ منهنجي نجات آهي: اهو ئي منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ سو مون کي لوڏو ئي ڪين ايندو.


پر مون لاءِ اهو چڱو آهي تہ خدا کي ويجهو ٿيان: مون خداوند خدا کي پنهنجي پناهہ جي جاءِ ڪيو آهي، تہ تنهنجي سڀني ڪمن جو بيان ڪريان.


اي خدا تعاليٰ، خداوند جي شڪر گذاري ڪرڻ، ۽ تنهنجي نالي جي تعريف ڪرڻ چڱو ڪم آهي:


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، صبر ڪريو خداوند جو ڇوٽڪارو ڏسو جو اڄ هو ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ جن مصرين کي اوهين اڄ ڏسو ٿا، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


خداوند پاڻهي اوهان جي لاءِ وڙهندو، اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو.


ڇالاءِ جو خداوند خدا، اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ موٽي اچڻ ۽ صبر ۾ رهڻ ڪري اوهان جي سلامتي آهي، خاموشيءَ ۽ ڀروسي ۾ اوهان جي طاقت آهي: پر اوهان ائين ڪرڻ نہ گهريو.


ڇالاءِ جو مصر جي مدد اجائي ۽ بي فائدي آهي: تنهن ڪري مون انهيءَ کي رهب سڏيو آهي، جا ماٺ ڪري ٿي ويهي.


۽ چئوس تہ سنڀال ڪج ۽ صبر ۾ رهج؛ ۽ هنن ٻن دونهين ڪندڙن اماڙين جي پڇڙين جي سبب متان ڊڄين، ۽ رضين، ۽ ارام، ۽ رملياہ جي پٽ جي ڪاوڙ ڪري پنهنجي دل کي بي آرام ٿيڻ نہ ڏي.


غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.


ماڻهوءَ جي لاءِ اهو چڱو آهي تہ هو پنهنجي جوانيءَ ۾ پاڃاري کڻي.


ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.


هاڻي ڪنهن چڱي سبب ڪري ماڻهوءَ کي پيار ڪرڻ گهرجي ۽ نہ فقط منهنجي روبرو.


تنهنڪري پنهنجي همت نہ هاريو، جو انهي جي ڪري اوهان کي وڏا انعام ملندا.


ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛


تنهنڪري سمجهہ جو سندرو ٻُڌي هوشيار ٿيو، ۽ انهي فضل جي ڪامل اُميد رکو، جو يسوع مسيح جي ظهور وقت اوهان تي ٿيڻو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ