22 اهو خداوند جي رحم ڪري آهي جو اسين مري کپي نہ ويا آهيون، ڇالاءِ جو هن جو رحم کٽڻ جو ناهي.
22 خداوند جي شفقت ابدي آهي، ۽ سندس رحم ڪرڻ ڪڏهن بہ بند نہ ٿو ٿئي.
۽ دائود جاد کي چيو تہ آءٌ ڏاڍيءَ مشڪلات ۾ آهيان: هاڻي مناسب آهي تہ خداوند جي هٿ ۾ هلي پئون؛ ڇالاءِ جو هن جون وڏيون رحمتون آهن: آءٌ ماڻهو جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.
پوءِ بہ پنهنجي بي انداز رحمت سان تو هنن کي اصل نيست نابود نہ ڪري ڇڏيو، نڪي هنن کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو تون فضل ۽ رحم وارو خدا آهين.
هن اسان جي گناهن موافق اسان سان هلت ڪين ڪئي آهي، نڪي اسان جين خطائن موجب اسان کي بدلو ڏنو اٿس.
۽ انهن جي لاءِ پنهنجي عهد کي ياد ڪيائين. ۽ پنهنجي بيحد رحم جي ڪري پنهنجو ارادو ڦيرايائين.
۽ پنهنجي ٻانهي کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ ڇو تہ آءٌ مصيبت ۾ آهيان؛ جلد مون کي جواب ڏي.
هن جو رحم هميشہ جي لاءِ هليو ويو آهي ڇا؟ هن جو قول اقرار هميشہ جي لاءِ باطل رهندو ڇا؟
پر ڇالاءِ جو هو رحيم آهي، تنهن ڪري سندن ڏوهہ معاف ڪيائين: هائو ڪيترائي ڀيرا پنهنجي غصي کي روڪي ڇڏيائين، ۽ پنهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌڻ تہ ڏنائين.
پر اي خداوند تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهين.
وڃ ۽ اهي ڳالهيون اُتر ڏانهن پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ اي بي وفا اسرائيل موٽي اچ، آءٌ ڪاوڙ ۾ اوهان تي نظر نہ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ رحم وارو آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙ نہ ڌاريندس.
ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي بچائڻ لاءِ آءٌ تو سان آهيان، ۽ جن قومن ۾ مون توکي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو ڪندس، ۽ آءٌ توکي اصل چٽ نہ ڪندس؛ پر آءٌ توکي انصاف سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.
افرائيم منهنجو پيارو پٽ آهي ڇا؟ جيترا ڀيرا آءٌ هن جي برخلاف ٿو ڳالهايان، اوترا ڀيرا آءٌ هن کي زيادہ شوق سان ياد ٿو ڪريان: تنهن ڪري هن جي لاءِ منهنجن آنڊن کي سيڪ ٿو اچي؛ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ضرور هن تي رحم ڪندس.
خداوند اسان جي خدا وٽ، جيتوڻيڪ اسين هن کان باغي ٿيا آهيون، رحمت ۽ معافي آهي؛
ڇالاءِ جو آءٌ خداوند ڦران نٿو؛ انهي ڪري، اي بني يعقوب، اوهين ناس نہ ٿي ويا آهيو.
۽ سندس ٻاجهہ پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ اُنهن تي آهي، جي کانئس ڊڄن ٿا.