20 منهنجو روح اڃا بہ انهن کي ياد پيو ڪري، ۽ منهنجي اندر ۾ غمگين آهي
20 بلڪ آءٌ انهن سڀني ڳالهين بابت هميشہ سوچيندو ٿو رهان، تنهنڪري منهنجي دل سدائين اداس پيئي رهي.
بلڪ جڏهن مون کي يادگيري پوي ٿي تڏهن آءٌ بي آرام ٿو ٿيان، ۽ خوف کان منهنجو بت ڏڪيو وڃي.
خداوند انڌن جون اکيون ٿو کولي، خداوند جهڪيلن کي اُٿاري کڙو ٿو ڪري خداوند راستبازن کي پيار ٿو ڪري.
اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق، ۽ منهنجو خدا آهي.
اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون اندر ۾ ڇو اهڙي بي آرام آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق ۽ منهنجو خدا آهي.
ڇالاءِ جو اسان جي جان جهڪي وڃي مٽيءَ سان ملي آهي: ۽ اسان جو جسم وڃي پٽ سان لڳو آهي.
جڏهن منهنجي دل ۾ گهڻو فڪر ٿو ٿئي، تڏهن تنهنجي دلاسي جي ڪري منهنجي جان خوش ٿي ٿئي.