2 هن مون کي اونداهيءَ ۾ وٺي هلايو ۽ نہ سوجهري ۾.
2 هن مون کي ڊوڙائي ڊوڙائي اهڙي اونداهي هنڌ پهچايو، جتي روشني داخل ٿي ئي نہ ٿي سگھي.
هن کي روشنيءَ مان هڪالي اونداهيءَ ۾ آندو ويندو، ۽ هو دنيا مان هڪاليو ويندو.
جڏهن مون چڱائيءَ لاءِ نهاريو تڏهن بڇڙائي آئي؛ ۽ جڏهن مون سوجهري جي لاءِ انتظار ڪيو تڏهن اونداهي آئي.
تنهن ڪري انصاف اسان کان پري آهي، ۽ سلامتي اسان تائين نٿي پهچي: اسين سوجهري لاءِ نهاريون ٿا، پر اوندهہ ٿا ڏسون؛ روشنائيءَ لاءِ ٿا نهاريون، پر انڌڪار ۾ ٿا هلون.
خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.
مون زمين ڏٺي، ۽ اُها ويران ۽ خالي ڏسڻ ۾ آئي؛ ۽ آسمان ڏٺم تہ انهن ۾ روشنائي ڪانہ هئي.
خداوند صيون جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪاوڙ جي بادل سان ڪيئن نہ ڍڪي ڇڏيو آهي! هن اسرائيل جي سونهن آسمان مان هيٺ زمين تي اُڇلائي وڌي آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن پنهنجي پيرن جي صندليءَ کي ياد نہ ڪيو اٿس.
تون ڏينهن جو ٻنپهرن جي وقت ائين هٿوراڙيون هڻندين، جيئن انڌو اوندهہ ۾ هٿوراڙيون هڻندو آهي، ۽ تون پنهنجن ڪمن ۾ ڪامياب نہ ٿيندين: تو تي هميشہ ظلم ۽ ڦرمار پيئي ٿيندي، ۽ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.
سمنڊ جون شوخ لهرون آهن، جي پنهنجي بي شرميءَ جي گجي ٿيون اُڇلائين. گهُمندڙ تارا آهن، جن جي لاءِ ڀڀ اوندهہ هميشہ واسطي ٺهرايل آهي.
۽ جن ملائڪن پنهنجو درجو قائم نہ رکيو، پر پنهنجي خاص جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي هن هميشہ جي قيد ۾ عظيم ڏينهن واري عدالت تائين اوندهہ منجهہ رکيو آهي.