Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 3:19 - Sindhi Bible

19 منهنجو ڏک ۽ منهنجي مصيبت، منهنجو ساڙ ۽ منهنجو زهر ياد ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پنهنجي مشڪلاتن ۽ بي‌گھر هجڻ تي سوچڻ سان ايترو تہ ڏک ٿو ٿئي جو ڄڻ تہ آءٌ زهريلو پاڻي ٿو پيئان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 3:19
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.


اڙي، ياد ڪريو تہ منهنجي حياتي هوا وانگر آهي: منهنجي اک وري چڱائي نہ ڏسندي.


اي خداوند، دائود جي خاطر سندس سڀني ڏکن کي ياد ڪر.


ياد ڪر تہ منهنجو وقت ڪيترو نہ ٿورو آهي: تو ڪهڙيءَ بيهودگيءَ لاءِ بني آدم کي پيدا ڪيو آهي!


اي خداوند تنهنجي بندن جي جيڪا بدنامي ٿي آهي سا ياد ڪر: آءٌ تہ پنهنجي سيني ۾ زوراور قومن جا طعنا پيو سهان.


اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هنن کي، يعني انهي قوم کي ناگدونا کارائيندس، ۽ پت جو پاڻي پياريندس.


هن مون کي ڪَڙيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، هن ڪَڙيءَ ڪاٺيءَ سان مون کي ڍءُ ڏيئي ڇڏيو آهي.


هن منهنجي برخلاف اڏاوت ڪئي آهي، ۽ هن مون کي زهر ۽ زحمت سان وڪوڙيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ