Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 3:15 - Sindhi Bible

15 هن مون کي ڪَڙيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، هن ڪَڙيءَ ڪاٺيءَ سان مون کي ڍءُ ڏيئي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 خدا منهنجي زندگيءَ ۾ ڏک ئي ڏک ڏيئي ڇڏيا آهن. هائو، هن منهنجي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 3:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو مون کي ساهہ کڻڻ نہ ڏيندو، پر مون کي ڪَڙاڻ سان ڀري ڇڏي ٿو.


تو پنهنجي قوم کي سختي ڏيکاري آهي: تو اسان کي آٿڙائڻ وارو شراب پياريو آهي.


آءٌ انهن جي شمار ۾ ٿو ليکجان جيڪي قبر ۾ ٿا پون؛ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جنهن جو ڪو چاڙهو ڪونهي:


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند بنيمين بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي ناگدؤن کارائيندس ۽ پت جو پاڻي پياريندس: ڇالاءِ جو يروشلم جي نبين مان ئي ناپاڪي نڪري سڄي ملڪ ۾ پکڙي وئي آهي.


۽ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون انهن کي چئُہ، تہ اوهين پيو ۽ مست ٿيو ۽ قئي ڪريو، ۽ ڪري پئو ۽ جيڪا ترار آءٌ اوهان ۾ موڪليندس تنهنجي سبب وري نہ اُٿو.


تنهنجي هلت ۽ تنهنجي ڪمن اهي واقعا تنهنجي سر تي آندا آهن؛ اها تنهنجي شرارت آهي؛ بيشڪ اها ڪَڙي آهي، جو تنهنجي دل تائين وڃي رسي آهي.


بلڪ پنهنجي دل جي نٺرائي موجب هو بعليم جي پٺيان هليا آهن، جيئن سندن ابن ڏاڏن کين سيکاريو.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هنن کي، يعني انهي قوم کي ناگدونا کارائيندس، ۽ پت جو پاڻي پياريندس.


منهنجو ڏک ۽ منهنجي مصيبت، منهنجو ساڙ ۽ منهنجو زهر ياد ڪر.


۽ هن چين تہ مون کي نعومي نہ ڪوٺيو، مون کي مارہ ڪوٺيو: ڇالاءِ جو قادر مطلق مون سان ڏاڍي ڪَرڙي هلت ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ