1 آءٌ اهو ماڻهو آهيان جنهن هن جي ڪاوڙ جي لٺ سان ڏک سَٺو آهي،
1 آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان، جن تي خدا پنهنجي غضبناڪ لٺ سان عذاب نازل ڪيو.
اي منهنجا عزيزو، مون تي رحم ڪريو، مون تي رحم ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا جو هٿ مون تي ڳورو آهي.
منهنجي ڄمار پاڇي وانگي گذرندي وڃي؛ آءٌ گاهہ وانگيان ڪومائجي ويو آهيان.
تو جنهن اسان کي گهڻيون ۽ سخت تڪليفون ڏيکاريون آهن، تون وري اسان کي جيئرو ڪندين، ۽ زمين جي تري مان اسان کي ڪڍي مٿي آڻيندين.
مون تي تنهنجي ڏاڍي ڪاوڙ آهي، تو مون کي مصيبتن جي لهرن ۾ دٻائي ڏکي ڪيو آهي.
هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو.
تڏهن هنن يرمياہ کي کڻي ملڪياہ شهزادي جي بهري ۾ وڌو، جو پهري وارن جي ايوان ۾ هو: ۽ يرمياهہ کي رسن سان انهي ۾ هيٺ لاهي وڌائون: ۽ انهي بهري ۾ پاڻي ڪونہ هو پر گپ هئي: ۽ يرمياہ گپ ۾ گپي ويو.
يعني مردن، ۽ زالن، ۽ ٻارن کي، ۽ بادشاهہ جي ڌيئن کي، ۽ انهن سڀني ماڻهن کي جن کي پهري وارن جو سردار نبوزرادان، جدلياہ بن اخيقام، بن سافن وٽ ڇڏي ويو هو، ۽ يرمياہ نبي ۽ باروڪ بن نيرياہ کي بہ؛
پنهنجيءَ قوم جي ڌيءَ جي ايذاءُ ڪري مون کي ايذاءُ رسيو آهي: آءٌ ڏکي ٿي پيو آهيان؛ مون کي حيراني وٺي وئي آهي.