Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 2:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هو زور زبردستيءَ سان پنهنجو شاميانو کڻي ويو آهي، ڄڻ تہ اهو ڪنهن باغ جو هو؛ ۽ هن پنهنجي جماعت جي جاءِ ناس ڪئي آهي: خداوند صيون ۾ سڳوري جماعت ۽ سبت وسارائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ بادشاهہ ۽ ڪاهن ڏانهن نفرت ظاهر ڪئي اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هن پنهنجي هيڪل، جتي سندس ئي عبادت ڪئي ويندي هئي، تنهن کي ڊاهي ائين پَٽ ڪري ڇڏيو، جيئن ڪنهن باغ مان جھوپڙي ڊاهي پَٽ ڪئي وڃي. تنهنڪري پياري صيئون ۾ عيدون ۽ سبت جا ڏينهن نہ ٿا ملهايا وڃن. هن پنهنجي قهر ۽ غضب وچان، بادشاهہ توڙي ڪاهنن کي ڌڪاري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 2:6
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن تنهنجي پاڪ مڪان کي باهہ ڏني آهي؛ ۽ تنهنجي نالي جي جاءِ کي ڊاهي زمين تي پليت ڪيو اٿن.


سالم ۾ هن جو خيمو آهي، ۽ صيون ۾ هن جي رهڻ جي جاءِ آهي.


هاڻي تو انهيءَ جي واڙ ڇو ڀڃي ڇڏي آهي، جو جيڪي اتان لنگهن ٿا سي سڀ کيس پيا ڇنن؟


تو هن جي سڀني واڙين کي ڀڃي ڇڏيو آهي؛ ۽ سندس قلعن کي ڊاهي ڇڏيو اٿيئي.


اڳتي اجايا نذرانا نہ آڻيو؛ لوبان ساڙڻ ڪري مون کي نفرت ٿي اچي؛ نئين چنڊ ۽ سبت ۽ جماعتن جي گڏ ٿيڻ مان بہ، ڇالاءِ جو آءٌ گناهہ سان عيد جي جماعت برداشت ڪري نٿو سگهان.


۽ صيون جي ڌيءَ ائين ڇڏي ويئي آهي جيئن ڪا ڀُونگي ڊاک جي منهہ ۾، يا جيئن ڪا جهوپڙي ونگن جي واڙي ۾، يا جيئن ڪو گهيري ڪيل شهر.


تنهن ڪري آءٌ پاڪ مڪان جي سردارن کي ناپاڪ ڪندس، ۽ آءٌ يعقوب کي لعنت، ۽ اسرائيل کي ملامت ٺهرائيندس.


۽ هاڻي ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌائيندس تہ آءٌ پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ڇا ڪندس: آءٌ انهي جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو کاڄي ويندو؛ آءٌ انهي جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس ۽ اهو لتاڙجي ويندو:


۽ آءٌ انهي کي ويران ڪري ڇڏيندس: ۽ نہ انهي جي ڇانگ ڪرڻ ۾ ايندي ۽ نہ گڏ؛ بلڪ اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا پيدا ٿيندا: آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ انهيءَ تي مينهن نہ وسائين.


رڳو ٿوري وقت جي لاءِ تنهنجي پاڪ اُمت جو انهي تي قبضو رهيو: اسان جي دشمنن تنهنجي پاڪ مڪان کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي.


اسان جي پاڪ ۽ اسان جي سهڻي هيڪل، جتي اسان جن ابن ڏاڏن تنهنجي تعريف ٿي ڪئي، تنهن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان جون سڀ سٺيون شيون تباهہ ٿي ويون آهن.


پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا فرمائي، ٿو تہ جيئن منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم جي رهاڪن تي اوتيو ويو آهي، تيئن منهنجو غضب اوهان تي بہ اوتيو ويندو، جڏهن اوهين مصر ۾ گهڙندا: ۽ اوهين نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا؛ ۽ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا.


تون هن کي هيئن چئج، خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي مون اڏيو آهي سو آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس، ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو آءٌ پٽي ڇڏيندس؛ ۽ سڄي ملڪ ۾ ائين ڪندس.


انهن جو آواز پيو ٻڌجي، جي ڀڄن ٿا، ۽ بابل جي زمين مان نڪري ٻاهر وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ صيون ۾ خداوند اسان جي خدا جي وير وٺڻ جي، ۽ سندس هيڪل جي بدلي جي پڌرائي ڪن.


صيون جا رستا سڃا ٿيا پيا آهن، ڇالاءِ جو ڪوبہ سڳوري جماعت ۾ ڪونہ ٿو اچي؛ ان جا سڀ دروازا سڃيا پيا آهن، ان جا ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا کڻن: ان جون ڪنواريون ڇوڪريون ڏک ۾ آهن، ۽ هو پاڻ غم ۾ آهي.


خداوند جي ڪاوڙ هنن ۾ تفرقو وڌو آهي؛ هو اڳتي وري هنن ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏيندو: هو ڪاهنن کي عزت نہ ڏيندا هئا، هو بزرگن سان مروت ڪانہ ڪندا هئا.


اسان جي زندگي جو دم، يعني خداوند جو مسح ڪيل، هنن جي کڏن ۾ پڪڙجي پيو؛ جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هن جي پاڇي هيٺ اسين قومن ۾ حياتي گذارينداسين.


هنن جي هٿان امير سوريءَ چڙهيا: بزرگن جي منهن جي هنن عزت نہ رکي.


ڇالاءِ جو هن عهد اقرار ڀڃڻ سان قسم جي حقارت ظاهر ڪئي آهي؛ ۽ ڏس، هن پنهنجو هٿ ڏنو، تہ بہ اهي سڀ ڪم ڪيا اٿس؛ هو ڪين بچندو.


۽ آءٌ اوهان جا شهر ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان جا پاڪ مڪان سڃا ڪري ڇڏيندس، ۽ آءٌ اوهانجين خوشبودار شين کي ڪين سنگهندس.


آءٌ انهن تنهنجن ماڻهن کي، جن عيدن لاءِ ماتم ٿي ڪيو ۽ جن بدنامي سَٺي آهي، تن کي گڏ ڪندس.


انهي ڪري جيئن اوهين منهنجين راهن تي نہ هليا آهيو، ۽ عدالت ۾ پاسخاطري ڪئي اٿوَ؛ تيئن مون بہ اوهان کي نفرت جو سبب، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان نيچ ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ