Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 2:5 - Sindhi Bible

5 خداوند دشمن وانگر ٿي بيٺو آهي، هن اسرائيل کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ هو ان جون سڀ محلاتون ڳهي ويو آهي، هن اُن جا سڀ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن: ۽ هن يهوداہ جي ڌيءَ لاءِ ماتم ۽ زاري وڌائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پروردگار دشمن بڻجي ويو آهي، ۽ اسان جي ملڪ کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو اٿس. هائو، هن اسان جا سڀيئي محلات ۽ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن. هن يهوداہ جي پياري ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم ۽ روڄ راڙو وجھي ڇڏيو آهي، جيڪو ختم نہ ٿو ٿي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 2:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙي ڇڏيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، يعني سڀ وڏا گهر، باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيا.


تون ڇو ٿو منهن لڪائين، ۽ مون کي پنهنجو دشمن سمجهين؟


هن مون تي پنهنجي ڪاوڙ بہ تيز ڪئي آهي، ۽ هو مون کي پنهنجن مخالفن مان هڪڙو شمار ٿو ڪري.


تو هن جي سڀني واڙين کي ڀڃي ڇڏيو آهي؛ ۽ سندس قلعن کي ڊاهي ڇڏيو اٿيئي.


جيڪي اتان لنگهن ٿا سي انهن کي پيا لٽين: ۽ هو پنهنجي پاڙيوارن لاءِ طعنن جو سبب آهي.


پوءِ آءٌ اريئيل کي ڏک ڏيندس، ۽ اتي ماتم ۽ نوحو ٿيندو: پوءِ هو منهنجي لاءِ اريئيل جهڙو ٿيندو.


پر انهن بغاوت ڪئي ۽ هن جي پاڪ روح کي رنجايائون: تنهن ڪري هو ڦري انهن جو دشمن ٿيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن.


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، جيڪي جنگ جا هٿيار اوهان جن هٿن ۾ آهن، ۽ جن سان اوهين بابل جي بادشاهہ سان، ۽ جيڪي ڪسدي ڀتين جي ٻاهران اوهان کي گهيرو ڪيو ويٺا آهن تن سان ٿا وڙهو، سي آءٌ پٺ تي ڦيرائيندس، ۽ انهن کي هن شهر جي وچ ۾ گڏ ڪندس.


تنهنجي سڀني عاشقن توکي وساري ڇڏيو آهي؛ اُهي توکي نٿا ڳولين: تنهنجي بيشمار گناهن جي سبب تنهنجو قصور وڏو آهي، انهي ڪري مون توکي دشمن وانگي زخم رسايو آهي، ۽ ظالم وانگي سيکت ڏني اٿم،


۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو.


خداوند يعقوب جون سڀ رهڻ جون جايون ڳهي ڇڏيون آهن، ۽ قياس بہ ڪونہ آيس؛ هن پنهنجي ڪاوڙ ۾ يهوداہ جي ڌيءَ جا قلعا ڊاهي ڇڏيا آهن؛ هن اهي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن؛ هن انهيءَ جي بادشاهت ۽ انهيءَ جا امير ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن.


هن دشمن وانگر پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، هو ويريءَ وانگر پنهنجو ساڄو هٿ مٿي کڻي بيٺو آهي، ۽ جيڪي ڏسڻ ۾ سهڻا هئا تن سڀني کي ڪُٺو اٿس: صيون جي ڌيءَ جي تنبوءَ ۾ هن پنهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر هاري وڌي آهي.


۽ هن اُها منهنجي اڳيان پکيڙي رکي؛ ۽ اُها اندران ٻاهران لکيل هئي: ۽ انهي ۾ زاريون ۽ ماتم ۽ ڏک جون ڳالهيون هيون.


۽ سموئيل چيو تہ تڏهن ڇالاءِ تون مون کان پڇين ٿو، جڏهن ڄاڻين ٿو تہ خداوند توکي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنجو دشمن ٿيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ