Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 2:22 - Sindhi Bible

22 تو سڀ ڪنهن پاسي منهنجا خوف سڏي گڏ ڪيا، جيئن عيد جي ڏينهن ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڪوبہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن ڀڄي نہ ڇٽو ۽ نہ بچيو: جن کي مون ڪڏايو ۽ پالي وڏو ڪيو، تن کي منهنجي دشمن ماري کپائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اي خداوند! جڏهن تون ڪاوڙيل هئين، تڏهن تو منهنجي دشمنن کي منهنجي چوڌاري ائين آڻي گڏ ڪيو، جيئن ڪنهن کي دعوت جو سڏ ڏبو آهي. دشمنن منهنجي رهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيو. هائو، منهنجي انهن ٻارڙن کي جن کي مون ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ بچي نہ سگھيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 2:22
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


ڇو جو مون گهڻن کان پنهنجي گلا ٻڌي آهي، هر ڪنهن پاسي مون کي ڊپ آهي: جڏهن اُنهن پاڻ ۾ گڏجي منهنجي برخلاف صلاح ڪئي، تڏهن منهنجي ساهہ ڪڍڻ جو منصوبو رٿيائون.


جيترا ڀيرا اها لنگهندي، اوترا ڀيرا اها اوهان کي پڪڙيندي؛ ڇالاءِ جو هر صبح جو، ۽ ڏينهن جو، ۽ رات جو اُها اوهان تي اُٿلندي، ۽ انهي پيغام جو نتيجو رڳو ڊپ ٿيندو.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن تي اهڙي خرابي آڻيندس جنهن کان هو ڀڄي ڇٽي نہ سگهندا؛ ۽ هو مون کي دانهون ڪري سڏيندا پر آءٌ هنن جي نہ ٻڌندس.


تو يهوداہ کي اصل رد ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟ تنهنجي روح کي صيون کان نفرت آئي آهي ڇا؟ ڇو تو اسان کي اهڙو ماريو آهي جو اسين ڇٽي چڱا ڀلا نٿا ٿيون؟ اسين خير سلامتيءَ جي لاءِ منتظر هئاسين، پر خير ڪونہ ٿيو؛ ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر هئاسين، پر اُٽلندو خوف پيدا ٿيو!


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ فشحور يرمياہ کي ڪاٺ مان ڪڍيو. تڏهن يرمياہ هن کي چيو تہ خداوند تنهنجو نالو فشحور نہ رکيو آهي پر مجور مسابيب رکيو آهي.


۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.


تنهن ڪري هاڻي خداوند، لشڪرن جو خدا، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇو اوهين پنهنجن جانين جي برخلاف هيءَ وڏي خرابي ٿا ڪريو، جو يهوداہ جي وچان اوهان مان مرد، ۽ زال، ۽ ٻار ۽ کير پياڪ وڍيا وڃن، ۽ ڪوبہ ڪونہ بچي؛


ڇو مون اهو ڏٺو آهي؟ هو ڊڄي پٺ تي موٽي ويا آهن؛ ۽ هنن جا بهادر مرد شڪست کائي ويا آهن، ۽ اهڙا جلد ڀڄي ويا آهن جو پٺ تي ئي نٿا نهارين: خداوند ٿو فرمائي، تہ هر طرف خوف آهي.


ميدان تي نہ وڃو، نہ رستي جي ڀرسان گهمو؛ ڇالاءِ جو چوڌاري دشمن جي ترار ۽ خوف آهي.


تنهنجي اولاد تي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار تي، تنهنجين گاين، ۽ ڌڻن جي ٻچن تي لعنت پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ