Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 2:20 - Sindhi Bible

20 اي خداوند ڏس، ۽ نظر ڪر تہ ڪنهن جو تو اهڙو حال ڪيو آهي! زالون ڪو پنهنجو ڦر کائينديون ڇا، يعني جيڪي ٻار هٿن ۾ ڪڏايا ٿا وڃن؟ خداوند جي پاڪ مڪان ۾ ڪاهن ۽ نبي قتل ڪيا ويندا ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 يروشلم جي وسندي دانهون ڪندي چوي ٿي تہ ”اي خداوند! غور ويچار ڪري ڏس تہ تو اڳ بہ ڪنهن تي اهڙو عذاب نازل ڪيو آهي؟ ايتري قدر جو مائرون پنهنجي پيارن ٻارڙن جا لاش پيون کائين، ۽ ڪاهن توڙي نبي تنهنجي پنهنجي هيڪل ۾ قتل ڪيا پيا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 2:20
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


انهن جا ڪاهن ترار سان مارجي ويا؛ ۽ سندن بيوہ زالن ماتم نہ ڪيو.


تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ اي خداوند، ڇو تنهنجي ڪاوڙ تنهنجيءَ اُمت تي ڀڙڪو کائي، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زور سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي؟


اڙي تون جا رڙين سان ڀريل، ۽ گوڙ وارو شهر، ۽ خوشي ڪندڙ شهر آهين؛ تنهنجا ڪُٺل ترار سان ڪُٺل ناهن نڪي اهي جنگ ۾ مئا آهن.


۽ آءٌ هنن کي سندن پٽن جو گوشت ۽ سندن ڌيئن جو گوشت کارائيندس، ۽ جنهن گهيري ۽ تنگيءَ سان هنن جا دشمن ۽ هنن جي ساهہ جا طالب، هنن کي تنگ ڪندا، تنهن ۾ هنن مان هرڪو پنهنجي دوست جو گوشت کائيندو.


۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.


نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟


جن جي مون سان محبت هئي تن کي مون سڏيو، پر هنن مون سان دغا ڪئي: منهنجن ڪاهنن ۽ منهنجن بزرگن پنهنجن روحن کي تازي ڪرڻ لاءِ کاڌي ڳوليندي شهر ۾ ساهہ ڏنو.


قياس وارين زالن جي هٿن خود پنهنجن ٻارن ٻچن کي رڌيو آهي؛ منهنجي قوم جي ڌيءَ جي تباهيءَ ۾ اُهي انهن جو قوت هئا.


اهو هن جي نبين جي گناهن، ۽ هن جي بدڪارين ڪري آهي، ان جي وچ ۾ سچن جو رت وهايو ويو آهي.


خداوند جي ڪاوڙ هنن ۾ تفرقو وڌو آهي؛ هو اڳتي وري هنن ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏيندو: هو ڪاهنن کي عزت نہ ڏيندا هئا، هو بزرگن سان مروت ڪانہ ڪندا هئا.


تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس.


۽ هن انهن کي چيو تہ گهر کي ناپاڪ ڪريو، ۽ ايوان ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيو: نڪري هلو. پوءِ هو نڪري ويا ۽ شهر ۾ ڪوس ڪرڻ لڳا.


۽ اوهين پنهنجن پٽن جو، ۽ پنهنجين ڌيئرن جو ماس کائيندا.


۽ مون خدا کان هيءَ دعا گهري، تہ اي خداوند خدا، تون پنهنجيءَ اُمت کي، يعني پنهنجيءَ ميراث کي، برباد نہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجيءَ قدرت سان ڇڏايو آهي، ۽ جنهن کي تون پنهنجي زوراور هٿ سان مصر مان ڪڍي آيو آهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ