زاريون 2:2 - Sindhi Bible2 خداوند يعقوب جون سڀ رهڻ جون جايون ڳهي ڇڏيون آهن، ۽ قياس بہ ڪونہ آيس؛ هن پنهنجي ڪاوڙ ۾ يهوداہ جي ڌيءَ جا قلعا ڊاهي ڇڏيا آهن؛ هن اهي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن؛ هن انهيءَ جي بادشاهت ۽ انهيءَ جا امير ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible2 آہ! پروردگار اسان بني يعقوب جي سڀني رهڻ وارين جاين کي ڪيڏو نہ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ۽ مٿن ڪو رحم نہ ڪيو اٿس. هائو، هن پنهنجي قهر وچان پياري يهوداہ ملڪ جا سمورا قلعي وارا شهر ڪيرائي برباد ڪري ڇڏيا آهن. هن سڄي بادشاهت ۽ سندس حڪمرانن کي خاڪ ۾ ملائي ذليل ڪري ڇڏيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.