Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 2:19 - Sindhi Bible

19 اُٿ، رات جو رڙيون ڪر، جڏهن پهر شروع ٿا ٿين تڏهن خداوند جي روبرو پنهنجي دل پاڻيءَ وانگر هاري وجهہ: پنهنجن ننڍن ٻارن جي حياتيءَ لاءِ پنهنجا هٿ هن ڏانهن کڻ، جو اُهي سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي بک جي ڪري ماندا ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اُٿ سجاڳ ٿيءُ، سڄي رات جاڳي پروردگار کي مدد لاءِ ٻاڏائيندو رهہ. هائو، رب آڏو پنهنجيءَ دل جا سڀيئي سور کولي بيان ڪر. جيڪي باقي بچي ويل تو اندر موجود آهن، تن جي حياتي بچائڻ لاءِ خداوند کان رحم جي دعا گھر. سندن ٻار شهر جي هر گھٽيءَ ۾ بک وگھي پيا مرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 2:19
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ تہ منهنجي کاڌي جي لاءِ آهون آهن، ۽ منهنجو رڙيون پاڻيءَ وانگر وهن ٿيون.


اي خداوند مون رات جو تنهنجو نالو ياد ڪيو آهي، ۽ تنهنجي شريعت تي عمل ڪيو اٿم.


اوهين پاڪ مڪان ڏانهن پنهنجا هٿ کڻو، ۽ خداوند کي مبارڪ چئو.


شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ لوبان وانگي ٿئي؛ ۽ منهنجي هٿن جو مٿي کڻڻ سانجهيءَ جي قربانيءَ وانگر ٿئي.


آءٌ هن جي حضور ۾ پنهنجي فرياد ٿو ڪريان؛ ۽ سندس حضور ۾ پنهنجي ڏکن جو بيان ٿو ڪريان.


جڏهن منهنجو روح مون منجهہ غم ۾ ٻڏل هو، تڏهن بہ توکي منهنجي واٽ جي خبر هئي. جنهن واٽ ۾ آءٌ هلان ٿو تنهن ۾ انهن ڦندا لڪايا آهن.


جڏهن آءٌ تنهنجي پاڪ حجري ڏانهن پنهنجا هٿ کڻي توکي پڪاريان، تڏهن تون منهنجي دعا جو آواز ٻڌ.


منهنجا لڙڪ ڏينهن رات منهنجو کاڌو ٿي رهيا آهن، ۽ هو مون کي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟


جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي.


تڏهن بہ خداوند ڏينهن جو پنهنجي ٻاجهہ فرمائيندو، ۽ رات جو آءٌ سندس گيت يعني پنهنجيءَ حياتيءَ جي خدا کان دعا گهرندس.


اي قومون هر وقت انهي تي ڀروسو رکو؛ پنهنجي دل انهي جي اڳيان کوليو: خدا اسان جي پناهہ آهي.


انهي ڪري جيسين آءٌ جيئندس، تيسين توکي مبارڪ چوندس: ۽ تنهنجو نالو وٺي پنهنجا هٿ مٿي کڻندس.


منهنجي جان رات جو تنهنجي مشتاق آهي؛ هائو آءٌ سوير توکي پنهنجي روح سان ڳوليندس: ڇالاءِ جو جڏهن تنهنجون عدالتون زمين تي جاري آهن، تڏهن جهان جا ماڻهو سچائي ٿا سکن.


تنهنجا پٽ سڀني گهٽين جي منهن تي ائين بيهوش پيا آهن جيئن هرڻ ڄار ۾ ڦاسندو آهي؛ اهي خداوند جي ڪاوڙ، ۽ تنهنجي خدا جي ملامت سان ڀريل آهن.


جيڪڏهن آءٌ ميدان تي نڪري ويندس، تہ پوءِ ترار جا ڪُٺل ڏسج! ۽ جيڪڏهن آءٌ شهر ۾ ويندس، تہ پوءِ ڏڪار جا ڏتڙيل ڏسج! نبي توڙي ڪاهن ٻئي ملڪ ۾ پيا گهمن، پر ڪابہ خبر ڪانہ ٿي پوين.


اي زالون، اڃا بہ اوهين خداوند جو آواز ٻڌو تہ سندس وات جو ڪلام اوهان جن ڪنن تي پوي، ۽ اوهين پنهنجي ڌيئرن کي اوسارڻ سيکاريو، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙي واريءَ کي ماتم ڪرڻ سيکاري.


تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس.


اُنهي وقت آءٌ هنن تي ڏڪار جا خراب تير موڪليندس، جي ناس ڪرڻ لاءِ آهن، ۽ جي آءٌ اوهان کي ناس ڪرڻ لاءِ موڪليندس؛ ۽ آءٌ اوهان تي ڏڪار وڌائيندس ۽ اوهان جي مانيءَ جي لٺ ڀڃي ڇڏيندس؛


پاڻ کي گنجو ڪر، ۽ پنهنجي پيارن ٻارن لاءِ پنهنجا وار ڪَتر: ڳجهہ وانگي پنهنجي گنجاڻ وڌاءِ، ڇالاءِ جو هو تو وٽان قيد ٿي ويا آهن.


انهيءَ هوندي بہ هوءَ قيد ٿي کڄي ويئي: انهي جا ننڍڙا ٻار بہ سڀني گهٽين ۾ اُڇلائي پرزا پرزا ڪيا ويا؛ ۽ ان جي آبرو وارن ماڻهن جي لاءِ هنن ڪڻا وڌا، ۽ ان جي سڀني وڏن ماڻهن کي زنجير سان ٻڌائون.


۽ رات جو چوٿين پهر ۾ هو سمنڊ تي پنڌ ڪري وٽن آيو.


۽ صبح جو سج اُڀرڻ کان گهڻو اڳي هو اُٿي ٻاهر نڪتو، ۽ هڪڙي ويران هنڌ وڃي دعا گهُرڻ لڳو.


تنهنڪري اوهين بہ سجاڳ رهو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر ڪانهي تہ گهر جو مالڪ ڪڏهن سانجهيءَ يا اڌ رات جو، يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مهل، يا صبح جو ٿو اچي.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ هو جبل تي دعا گهُرڻ لاءِ ويو، ۽ ساري رات خدا کان دعا پئي گهُريائين.


تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ ماڻهو هر ڪنهن هنڌ، ڪاوڙ ۽ تڪرار کانسواءِ، پاڪ هٿ کڻي دعا ڪن.


انهيءَ طرح جدعون ۽ اُهي ٽي سؤ ماڻهو جي ساڻس هئا سي وچين پهر جي شروع ۾، جڏهن اڃا پهري وارا تازا بيٺا هئا، تڏهن منزلگاهہ جي ٻاهرين ڀاڱي ۾ آيا: ۽ قرنائون وڄايائون، ۽ جيڪي دلا هٿن ۾ هئن سي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.


۽ حنہ ورندي ڏيئي چيو تہ نہ منهنجا سائين، آءٌ دل جي ڏکي زال آهيان: مون نڪو شراب پيتو آهي نڪا ٻي نشي واري شيءِ، پر مون خداوند سان پنهنجي اندر جو حال ٿي اوريو.


۽ هو مصفاہ ۾ اچي گڏ ٿيا، ۽ پاڻي ڪڍيائون، ۽ خداوند جي اڳيان هاريائون، ۽ اُهو ڏينهن روزو رکيائون، ۽ اُتي چيائون تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ سموئيل مصفاہ ۾ بني اسرائيل جو قاضي ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ