Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 2:18 - Sindhi Bible

18 هنن جي دل خداوند کي دانهن ڪري چيو: اي صيون جي ڌيءُ جي ڀت، ڀلي تہ رات ڏينهن تنهنجا لڙڪ نديءَ وانگر پيا وهن؛ پاڻ کي ڪابہ ساهي نہ ڏي؛ ڀلي تہ تنهنجي اک جي ماڻڪي بيهي نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اي پياري صيئون جا ڪوٽ! تون پروردگار آڏو دل جي گھراين سان فرياد ڪر. رات ڏينهن تنهنجا لڙڪ نديءَ وانگر وهندا رهن. هائو، بنا رڪجڻ جي تنهنجي اکين مان لڙڪ سدائين وهندا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 2:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجن اکين مان پاڻيءَ جون نديون پيون وهن، ڇو جو هو تنهنجيءَ شريعت تي عمل نٿا ڪن.


ق آءٌ پنهنجي سالم دل سان دعا ٿو ڪريان؛ اي خداوند مون کي جواب ڏي: آءٌ تنهنجن قانونن تي عمل ڪندس.


پر جي اوهين نہ ٻڌندا تہ منهنجو روح ڳجهيءَ طرح اوهان جي مغروريءَ جي ڪري رئندو؛ ۽ منهنجون اکيون زار زار رئنديون ۽ ڳوڙها وهائينديون، ڇالاءِ جو خداوند جو ڌڻ قيد ٿي ويو آهي.


۽ تون هنن کي هي ڪلام چئج، تہ منهنجون اکيون رات ڏينهن ڳوڙها پيون ڳاڙين، ۽ هو ڀلي تہ بس نہ ڪن؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڪنواري ڌيءَ، هڪڙي وڏي ڦٽ سان، ۽ هڪڙي تمام وڏي زخم سان ڦٽجي پئي آهي.


ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.


اڙي جي منهنجو مٿو پاڻي هجي ها، ۽ منهنجون اکيون لڙڪن جو چشمو هجن ها تہ چڱو هو، جو آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڪُٺلن جي لاءِ پيو روئان ها!


انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ روئان ٿي؛ منهنجي اک، منهنجي اک مان پاڻي وهي ٿو؛ ڇالاءِ جو جيڪو دلاسي ڏيندڙ منهنجي روح کي تازي ڪرڻ وارو آهي، سو مون کان پري آهي: منهنجا ٻار ٻچا رلي ويا آهن، ڇالاءِ جو دشمن غالب پئجي ويو آهي.


هوءَ رات جو روئي ٿي، ۽ سندس ڳوڙها سندس ڳلن تي آهن: سندس سڀني سينڍن مان ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو کيس دلاسو ڏئي؛ سندس سڀني دوستن ساڻس دغا جي هلت ڪئي آهي، اُهي سندس دشمن ٿي پيا آهن.


خداوند ارادو ڪيو آهي تہ صيون جي ڌيءَ جي ڀت ناس ڪري ڇڏي؛ هن ڏور ڇڪي آهي، هن ناس ڪرڻ کان پنهنجو هٿ نہ روڪيو آهي: پر هن قلعي جي ٺلهہ ۽ ڀت کي ماتم ۾ وڌو آهي؛ اُهي گڏ پيا ڏک ۾ ڳرن.


هنن پنهنجي دل سان مون کي نہ سڏيو آهي پر هنن پنهنجن بسترن تي پئي رُنو آهي: هو اَن ۽ شراب لاءِ گڏ ٿيا آهن، هو منهنجي برخلاف فساد ٿا ڪن.


ڇالاءِ جو ڀتين مان پٿر نڪري پڪاريندا ۽ ڪاٺ مان ڪام جواب ڏيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ