Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 2:16 - Sindhi Bible

16 تنهنجن سڀني دشمنن تنهنجي کائڻ لاءِ وڏا وات پٽيا آهن؛ هو شوڪارا ٿا ڀرين ۽ ڏند ٿا ڪرٽين؛ هو چون ٿا تہ اسان هن کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ يقيناً اڄ اُهو ئي ڏينهن آهي جنهن لاءِ اسين منتظر هئاسين؛ اسان هن کي لڌو آهي، اسان هن کي ڏٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهنجا سڀ دشمن تو تي ڦٽڪار ٿا ڪن، ۽ ڪتن وانگر تو تي گُرڪن ٿا. اهي ڏند ڪرٽي چون ٿا تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن جا اسين طلبگار هئاسين، تہ اسين پنهنجي اکين سان انهيءَ شهر جي بربادي ڏسون. هاڻ اسان پاڻ انهيءَ کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 2:16
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو بڇڙن ۽ دغابازن منهنجي برخلاف وات پٽيو آهي: انهن مون سان ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.


بدڪار اهو ڏسي سڙي ويندو؛ هو اهو ڏسي ڏند ڪرٽيندو، ۽ ڳري ويندو. بڇڙن جي مراد تباهہ ٿي ويندي.


تہ جڏهن انهن جي ڪاوڙ اسان تي ڀڙڪو کاڌو، تڏهن اهي اسان کي جيئرو ئي ڳڙڪائي وڃن ها:


اهي ڦاڙيندڙ ۽ گجندڙ شينهن وانگي مون تي پنهنجا وات پيا ڦاڙين.


جيڪي بي دين ماڻهو مجلس ۾ ويهي چرچا ڪندا آهن، تن وانگر اُنهن مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا.


اهي منهنجي برخلاف وات ڦاڙي چوڻ لڳا تہ آها، آها؛ اسان پنهنجين اکين سان اهو ڏٺو.


ائين نہ ٿئي تہ اهي پنهنجي دل ۾ چون تہ واهہ واهہ، اسان اهو ئي ٿي گهريو: ۽ ائين نہ چون تہ اسان هن کي ڳڙڪائي ڇڏيو.


بدڪار ماڻهو سچار جي برخلاف منصوبو ٿو رِٿي، ۽ مٿس ڏند ٿو ڪرٽي.


۽ چون ٿا تہ هن کي بري بيماري لڳي آهي: هينئر هو ليٽيو آهي سو وري ڪين اُٿندو.


منهنجا دشمن مون کي سڄو ڏينهن ڳهي وڃڻ ٿا گهرن: ۽ جيڪي مغروريءَ ۾ مون سان وڙهن ٿا سي گهڻيئي آهن.


جيڪو مون کي ڳهي وڃڻ ٿو گهري تنهنجي طعنن کان بچائڻ لاءِ، هو آسمان مان موڪليندو؛ هائو خدا پنهنجو رحم ۽ سچائي موڪليندو.


ڇالاءِ جو تنهنجون ويران ۽ سڃيون جايون، ۽ تنهنجو برباد ٿيل ملڪ، هاڻي رهاڪن جي گهڻائيءَ ڪري تنگ ٿيندو، ۽ جي توکي ڳهي ٿي ويا سي پري ٿي ويندا.


تہ آءٌ هن گهر کي سيلا جهڙو ڪندس، ۽ هن شهر کي زمين جي سڀني قومن لاءِ لعنت ٺهرائيندس.


۽ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان هنن جي پٺيان پوندس، ۽ زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هنن کي هيڏي هوڏي ڌڪا کائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندس، انهي لاءِ تہ جن قومن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو آهي تن سڀني ۾ هو لعنت، ۽ حيرت، ۽ شوڪار، ۽ ملامت ٿين:


اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.


جن پئي لڌو اٿن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي: ۽ هنن جي دشمنن چيو تہ اسان جو قصور ڪونهي، ڇالاءِ جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، يعني خداوند، جو سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.


بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر مون کي ڳڙڪائي ويو آهي، هن مون کي چپي ڇڏيو آهي، هن مون کي خالي ٿانوَ ڪري ڇڏيو اهي، هو مون کي ازدها وانگي ڳهي ويو آهي، هن منهنجن نعمتن سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي؛ هن مون کي اُڇلائي ڪڍي ڇڏيو آهي.


هنن منهنجيون آهون ٻڌيون آهن: مون کي ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي: منهنجن سڀني دشمنن منهنجي تڪليف جو ٻڌو آهي؛ اُهي خوش ٿيا آهن تہ تو ائين ڪيو آهي: تون اُهو ڏينهن آڻيندين، جنهن جي تو اڳيئي خبر ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ هو مون جهڙا ٿيندا.


اسان جن سڀني دشمنن اسان جي لاءِ وڏو وات پٽيو آهي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون پنهنجي ڀيڻ جي پيالي مان پيئندينءَ، جو اونهو ۽ وڏو آهي: توتي کل ٺٺولي ٿيندي، ۽ توتي مسخريون ڪندا، تہ اُنهي ۾ گهڻو ڪجهہ اچي وڃي ٿو.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ فلستين دشمنيءَ جي هلت ڪئي آهي، ۽ مدامي دشمني سان اُن کي ناس ڪرڻ جي لاءِ، بلڪ دل جي نفرت سان وير ورتو اٿن.


۽ بني عمون کي چئُہ تہ خداوند خدا جو ڪلام ٻڌو؛ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ٿيو، ۽ جڏهن اسرائيل جي زمين ويران ڪئي ويئي، ۽ جڏهن يهوداہ جو گهراڻو قيد ٿي ويو، تڏهن اوهان خوشي ڪئي:


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تو تاڙيون وڄايون آهن، ۽ پير زمين تي ٺوڪيا آهن، ۽ اسرائيل جي ملڪ تي پنهنجي دل جي نهايت نفرت ڏيکارڻ سان خوشي ڪئي اٿيئي؛


تنهنڪري نبوت ڪري چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن اوهان کي ويران ڪيو آهي، ۽ هر طرف کان اوهان کي ڳهي ويا آهن، انهي لاءِ تہ اوهين قومن مان باقي رهيل ماڻهن جي ملڪيت ٿيو، ۽ اوهان جي نسبت ۾ ماڻهو اجايون ڳالهيون ۽ گلائون ڪن ٿا.


انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


اسرائيل ڳيسجي ويو آهي: هاڻي هو ٻين قومن ۾ ائين آهي جيئن اُهو باسڻ جو ڪنهن ڪم جو ڪونهي.


هاڻي گهڻيئي قومون اچي تنهنجي برخلاف گڏ ٿيون آهن، ۽ چون ٿيون تہ ڀلي اها ڳالهہ پوري ٿئي، تہ اسان جون اکيون صيون کي ڏسي خوش ٿين.


هاڻي جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن دل ۾ سڙي ويا، ۽ هن تي ڏند ڪرٽڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ