Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 2:15 - Sindhi Bible

15 جيڪي پاسي کان لنگهن ٿا سي توتي تاڙيون وڄائين ٿا؛ هو يروشلم جي ڌيءَ تي شوڪارا ٿا ڀرين ۽ پنهنجا ڪنڌ لوڏين ٿا، ۽ چون ٿا تہ هي اُهو شهر آهي ڇا جنهن کي ماڻهو سونهن جو ڪمال، ۽ سڄيءَ زمين جي خوشي سڏيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 هاڻ اي پيارا يروشلم! تو وٽان لنگھندڙ سڀيئي ماڻهو ڪنڌ لوڏي تو تي ٺٺوليون ٿا ڪن. اهي طعنا هڻندي ۽ تنهنجي برباديءَ تي کلندي چون ٿا تہ ”ڇا هي اهو ئي شهر نہ آهي، جنهن کي ماڻهو تمام سهڻو شهر، ۽ دنيا جو فخر ڪري سڏيندا هئا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 2:15
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جي نسبت ۾ خداوند هي ڪلام ڪيو آهي: صيون جي ڪنواري ڌيءَ تو تي نفرت ظاهر ڪئي آهي ۽ تو تي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ تو تي پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو آهي.


۽ هي گهر جو اهڙو اُتانهون آهي، تنهن کي ڏسي جيڪو لنگهندو سو عجب ۾ پوندو ۽ چوندو تہ ڇالاءِ خداوند هن ملڪ سان، ۽ هن گهر سان هيئن ڪيو آهي؟


آءٌ هنن جي نظر ۾ طعني جوڳو ٿيو آهيان: اهي مون کي ڏسي ڪنڌ ٿا لوڏين.


جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي کلن ٿا: ۽ وات ڦاڙي ۽ ڪنڌ ڌوڻي چون ٿا،


اُتر پاسي صيون جبل، جو وڏي بادشاهہ جو شهر آهي، سو بلند، خوشنما ۽ ساريءَ زمين جي خوشي جو سبب آهي.


انهيءَ جي محلاتن ۾ خدا هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي آهي، تہ آءٌ پناهہ آهيان.


صيون جو سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي.


اهي پنهنجي زبان جي ڪري پاڻ ڌڪو کائيندا: ۽ جيڪي کين ڏسندا سي سڀ ڪنڌ ڌوڻيندا.


ڇالاءِ جو خداوند اهڙو اُٿلندو جهڙو پراضيم جبل تي، ۽ اهڙو ڪاوڙبو جهڙو جبعون جي واديءَ ۾؛ انهي لاءِ تہ هو پنهنجو ڪم، بلڪ پنهنجو عجيب ڪم ڪري، ۽ پنهنجو عمل، بلڪ پنهنجو عجيب عمل آڻي پورو ڪري.


تڏهن خداوند انهي جي بابت هيئن ٿو فرمائي: تہ صيون جي ڪنواري ڌيءَ تنهنجي حقارت ڪئي آهي ۽ توتي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ توتي پنهنجو مٿو لوڏيو آهي.


اسان جي پاڪ ۽ اسان جي سهڻي هيڪل، جتي اسان جن ابن ڏاڏن تنهنجي تعريف ٿي ڪئي، تنهن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان جون سڀ سٺيون شيون تباهہ ٿي ويون آهن.


تہ پنهنجي ملڪ کي ويران ۽ هميشہ جي لاءِ شوڪار جو باعث بنائين؛ جيڪو بہ اتان لنگهندو سو حيران ٿيندو ۽ پنهنجو سر ڌوڻيندو.


۽ آءٌ هن شهر کي هڪڙي عبرت ۽ شوڪار جو باعث بنائيندس؛ جيڪو انهي وٽان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ ان جي سڀني آفتن جي سبب شوڪارا ڀريندو.


يعني يروشلم ۽ يهوداہ جي شهرن، ۽ ان جي بادشاهن، ۽ ان جي اميرن کي، انهي لاءِ تہ انهن کي ويران ڪري، ۽ حيرت، ۽ شوڪار، ۽ لعنت جو سبب ڪري؛ جيئن ڪہ اڄوڪي ڏينهن آهي؛


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


تہ آءٌ هن گهر کي سيلا جهڙو ڪندس، ۽ هن شهر کي زمين جي سڀني قومن لاءِ لعنت ٺهرائيندس.


۽ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان هنن جي پٺيان پوندس، ۽ زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هنن کي هيڏي هوڏي ڌڪا کائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندس، انهي لاءِ تہ جن قومن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو آهي تن سڀني ۾ هو لعنت، ۽ حيرت، ۽ شوڪار، ۽ ملامت ٿين:


ڇالاءِ جو اسرائيل تنهنجي لاءِ کل ٺٺولي ڪين هو ڇا؟ اُهو چورن ۾ ڏٺو ويو هو ڇا؟ ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا تون هن جو ذڪر ٿو ڪرين اوترا ڀيرا تون پنهنجو ڪنڌ لوڏين ٿو.


۽ بابل ڍير ٿيندو، يعني گدڙن جي رهڻ جو هنڌ، ۽ حيرت ۽ سوسٽ جو سبب ٿيندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


هنن منهنجيون آهون ٻڌيون آهن: مون کي ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي: منهنجن سڀني دشمنن منهنجي تڪليف جو ٻڌو آهي؛ اُهي خوش ٿيا آهن تہ تو ائين ڪيو آهي: تون اُهو ڏينهن آڻيندين، جنهن جي تو اڳيئي خبر ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ هو مون جهڙا ٿيندا.


يروشلم جي ڌيءَ وڏا گناهہ ڪيا آهن؛ تنهن ڪري هوءَ هڪڙي ناپاڪ شيءِ جهڙي ٿي پئي آهي: جيڪي اڳي عزت ڏيندا هئس سي سڀ هاڻي ڌڪارينس ٿا، ڇالاءِ جو انهن سندس اوگهڙ ڏٺي آهي: هائو؛ هوءَ ٿڌا ساهہ کڻي ٿي، ۽ پٺتي موٽي ٿي.


تنهنجن سڀني دشمنن تنهنجي کائڻ لاءِ وڏا وات پٽيا آهن؛ هو شوڪارا ٿا ڀرين ۽ ڏند ٿا ڪرٽين؛ هو چون ٿا تہ اسان هن کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ يقيناً اڄ اُهو ئي ڏينهن آهي جنهن لاءِ اسين منتظر هئاسين؛ اسان هن کي لڌو آهي، اسان هن کي ڏٺو آهي.


۽ هو زور زبردستيءَ سان پنهنجو شاميانو کڻي ويو آهي، ڄڻ تہ اهو ڪنهن باغ جو هو؛ ۽ هن پنهنجي جماعت جي جاءِ ناس ڪئي آهي: خداوند صيون ۾ سڳوري جماعت ۽ سبت وسارائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ بادشاهہ ۽ ڪاهن ڏانهن نفرت ظاهر ڪئي اٿس.


انهي طرح تون سون ۽ روپي سان سينگاري وئينءَ؛ ۽ تنهنجي پوشاڪ عمدي ڪپڙي، ۽ ريشم، ۽ ڀرت جي ڪم جي هئي؛ تو ميدو ۽ ماکي ۽ تيل کاڌو: ۽ تون ڏاڍي خوبصورت هئينءَ ۽ تنهنجو اهڙو اقبال ٿيو جو بادشاهي درجي کي وڃي رسينءَ.


۽ تنهنجي حسن جي هاڪ ٻين قومن تائين وڃي پهتي؛ ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي شان جي ڪري، جو مون توکي بخشيو هو، اُهو حسن ڪامل هو.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون پنهنجي ڀيڻ جي پيالي مان پيئندينءَ، جو اونهو ۽ وڏو آهي: توتي کل ٺٺولي ٿيندي، ۽ توتي مسخريون ڪندا، تہ اُنهي ۾ گهڻو ڪجهہ اچي وڃي ٿو.


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تو تاڙيون وڄايون آهن، ۽ پير زمين تي ٺوڪيا آهن، ۽ اسرائيل جي ملڪ تي پنهنجي دل جي نهايت نفرت ڏيکارڻ سان خوشي ڪئي اٿيئي؛


انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ پنهنجي سچائيءَ موجب، پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان ٽار، جو تنهنجو پاڪ جبل آهي: ڇالاءِ جو اسانجن گناهن، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين ڪري، يروشلم ۽ تنهنجي قوم، پنهنجن سڀني آس پاس وارن لاءِ طعني جو سبب ٿي آهي.


ڇالاءِ جو عمريءَ جا قاعدا، ۽ اخي اب جي گهراڻي جا سڀ ڪم اوهين ڪريو ٿا، ۽ اوهين انهن جي صلاح مصلحتن تي هلو ٿا: انهي لاءِ تہ آءٌ توکي ويران ڪريان، ۽ ان جي رهاڪن کي شوڪار جو باعث بنايان؛ ۽ اوهين منهنجي قوم جي ملامت کڻندا.


ڪوبہ تنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي؛ تنهنجو زخم سخت آهي: جيڪي تنهنجي شڪست جو ٿا ٻڌن، سي تو تي تاڙيون ٿا وڄائين؛ ڇالاءِ جو اُهو ڪير آهي، جنهن تي سدائين تنهنجي شرارت جو بار نہ هو؟


هي اُهو خوشي ڪندڙ شهر آهي جو بي فڪر رهندو هو، ۽ جو پنهنجي دل ۾ چوندو هو، تہ آءٌ ئي آهيان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي: ڪيئن نہ هو ويران ۽ جانورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿي پيو آهي! جيڪو انهيءَ جي پاسي کان لنگهندو سو شوڪارا ڀريندو ۽ پنهنجو هٿ لوڏيندو.


۽ جيڪي اُتان لنگهي پئي ويا، تن مٿس ٽوڪون پئي هنيون، ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٿي چيائون تہ


۽ جيڪي اُتان لنگهيا ٿي، تن هن تي ٺٺوليون ٿي ڪيون، ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي چيائون ٿي تہ واهہ: هيڪل کي ڊاهڻ وارا ۽ ٽن ڏينهن ۾ اڏڻ وارا!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ