Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 2:14 - Sindhi Bible

14 تنهنجن نبين تنهنجي لاءِ اجاين ۽ بي عقليءَ جهڙين ڳالهين جا خواب ڏٺا آهن؛ ۽ انهن تنهنجي بدڪاري ڳولي نہ لڌي آهي، جو تنهنجا قيدي موٽائي آڻين: پر هنن تنهنجي لاءِ بيهودا مضمون ۽ شهر نيڪاليءَ جا سبب ڏٺا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهنجي نبي سڏائيندڙن تو سان دوکو ڪري ڪوڙيون رويائون ۽ غلط پيغام ٻڌايا. کين تو کي تنبيهہ ڪرڻ گھربي هئي، تہ جيئن تون بدڪارين کان پري رهي ڪري اهڙي خوشحال ۽ صحيح سلامت رهين جهڙي اڳئين زماني ۾ هئينءَ. پر هنن تو کي ڪوڙيون ۽ گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري ٻڌايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 2:14
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


ڪاهنن ايترو بہ ڪين چيو تہ خداوند ڪٿي آهي؟ ۽ جيڪي شريعت سان واهپي رکڻ وارا آهن، تن مون کي نہ سڃاتو: حاڪمن بہ منهنجي حڪم عدولي ڪئي، ۽ نبين بہ بعل جي نالي نبوت ڪئي ۽ اجاين شين جي پٺيان هليا.


۽ تون، اي فشحور، ۽ جيڪي تنهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي سڀ قيد ٿي ويندا: ۽ تون بابل ۾ ويندين، ۽ اتي تون مرندين ۽ اُتيئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر سڀيئي تنهنجا دوست جن وٽ تو ڪوڙي نبوت ڪئي آهي.


پر جي هو منهنجي صلاح مصلحت ۾ قائم رهن ها تہ جيڪر منهنجي قوم کي منهنجو ڪلام ٻڌائين ها، ۽ انهن کي خراب رستي کان ۽ سندن ڪمن جي خرابيءَ کان موٽائين ها.


۽ خداوند جي ڪلام جو ذڪر اوهين وري متان ڪريو: ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجو ڪلام سندس بار ٿيندو، جو اوهان جيئري خدا جون، يعني اسان جي خدا، لشڪرن جي خداوند، جون ڳالهيون بگاڙي ڇڏيون آهن.


تڏهن يرمياہ نبيءَ حننياہ نبيءَ کي چيو تہ اي حننياہ، هاڻي ٻڌ؛ خداوند توکي ڪونہ موڪليو آهي؛ پر تون هن قوم کي هڪڙي ڪوڙ تي ڀروسو ٿو ڪرائين.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، اخي اب بن قولاياہ، ۽ صدقياہ بن معسياہ، جي بابت جي منهنجي نالي سان نبوت ڪري اوهان کي ڪوڙ ٿا ٻڌائين، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪندس، جو هنن کي اوهان جن اکين آڏو قتل ڪري ڇڏيندو؛


هاڻي اوهان جا اُهي نبي ڪٿي آهن جن اوهان کي پيشنگوئي ڪري چيو تہ بابل جو بادشاهہ اوهان تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو؟


نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟


اهو هن جي نبين جي گناهن، ۽ هن جي بدڪارين ڪري آهي، ان جي وچ ۾ سچن جو رت وهايو ويو آهي.


ڇالاءِ جو ڪوڙ سان، جن سچارن کي مون غمگين نہ ڪيو آهي، تن جي دل کي اوهان رنج ڪيو آهي؛ ۽ شرير جي هٿن کي زور وارو ڪيو اٿوَ، تہ اُهو پنهنجي خراب رستي کان باز نہ اچي ۽ جيئرو نہ رهي.


ان جي وچ ۾ سندس نبين جو منصوبو پيو هلي، ڄڻ تہ ڪو گجندڙ شينهن شڪار کي پيو ڦاڙي: هنن ماڻهو ڳهي ڇڏيا آهن؛ هو خزانو ۽ قيمتي شيون کڻن ٿا: هنن ان جي وچ ۾ گهڻيون زالون بيواهہ ڪيون آهن.


۽ هن جي نبين پنهنجي لاءِ اڻ گڏيل گاري سان لنب ڪئي آهي، ۽ باطل شيون ڏسن ٿا، ۽ پنهنجي لاءِ ڪوڙيون فالون ٿا وجهن، ۽ چون ٿا تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، پر خداوند ائين نہ فرمايو آهي.


خداوند هيترو بہ وڌيڪ مون کي چيو، تہ اي آدمزاد، تون اهولہ ۽ اهوليبہ جي عدالت ڪندين ڇا؟ تڏهن انهن کي سندن ڪراهت جهڙا ڪم ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


سزا جا ڏينهن آيا آهن، بدلي وٺڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن؛ اسرائيل پاڻهي ڄاڻندو: نبي بي عقل آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ روح آهي سو چريو آهي، اهو تنهنجي بدڪاريءَ جي گهڻائيءَ ڪري ٿيو آهي، ۽ هن ڪري جو دشمني وڏي آهي.


جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!


پر آءٌ سچ پچ خداوند جي روح جي ڪري بلڪل طاقت وارو آهيان ۽ عدالت ۽ طاقت سان ڀريل آهيان، تہ يعقوب کي سندس قصور ۽ اسرائيل کي سندس گناهہ ظاهر ڪري ٻڌايان.


هن جا نبي هلڪا ۽ دغاباز شخص آهن؛ ان جي ڪاهنن پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ شريعت جي برخلاف هلت ڪئي اٿن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ