Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 2:13 - Sindhi Bible

13 اي يروشلم جي ڌيءَ، توکي ڪهڙي ثابتي ڏيان؟ ڪنهن سان توکي مشابهت ڏيان؟ اي صيون جي ڪنواري ڌيءَ، تنهنجو ڪنهن سان مقابلو ڪريان جو توکي تسلي ڏيان؟ ڇالاءِ جو تنهنجو ڦاٽ سمنڊ جيڏو وڏو آهي: ڪير انهيءَ کي پوري سگهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اي منهنجا پيارا صيئون! اي منهنجا شهر يروشلم! آءٌ تنهنجي تباهيءَ جو ڪهڙو مثال ڏيان؟ آءٌ ڪهڙي واقعي سان ڀيٽ ڪري تو کي دلاسو ڏيان؟ تو جهڙيون تڪليفون تہ ڪڏهن بہ ڪنهن ڪونہ سٺيون هونديون. سمنڊ جيان تنهنجي مصيبت جي بہ ڪا حد ئي ڪانهي. آہ! تنهنجو بچاءُ ڪهڙيءَ بہ طرح ٿي نہ ٿو سگھي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 2:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود بعل پراضيم ۾ آيو، ۽ اتي دائود انهن کي شڪست ڏني، ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند منهنجن دشمنن کي ائين ڀڃي وڌو آهي جيئن پاڻي ڀڄندو آهي. تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بعل پراضيم رکيو.


انهيءَ جي نسبت ۾ خداوند هي ڪلام ڪيو آهي: صيون جي ڪنواري ڌيءَ تو تي نفرت ظاهر ڪئي آهي ۽ تو تي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ تو تي پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو آهي.


تو زمين کي ڏڪائي ڇڏيو آهي؛ تو اُنهيءَ کي چيري ڇڏيو آهي: تون انهيءَ جون چيرون بند ڪر ڇو جو اُها لڏي ٿي.


تڏهن خداوند انهي جي بابت هيئن ٿو فرمائي: تہ صيون جي ڪنواري ڌيءَ تنهنجي حقارت ڪئي آهي ۽ توتي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ توتي پنهنجو مٿو لوڏيو آهي.


۽ تون هنن کي هي ڪلام چئج، تہ منهنجون اکيون رات ڏينهن ڳوڙها پيون ڳاڙين، ۽ هو ڀلي تہ بس نہ ڪن؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڪنواري ڌيءَ، هڪڙي وڏي ڦٽ سان، ۽ هڪڙي تمام وڏي زخم سان ڦٽجي پئي آهي.


تو يهوداہ کي اصل رد ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟ تنهنجي روح کي صيون کان نفرت آئي آهي ڇا؟ ڇو تو اسان کي اهڙو ماريو آهي جو اسين ڇٽي چڱا ڀلا نٿا ٿيون؟ اسين خير سلامتيءَ جي لاءِ منتظر هئاسين، پر خير ڪونہ ٿيو؛ ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر هئاسين، پر اُٽلندو خوف پيدا ٿيو!


جلعاد ۾ مرحم ڪونهي ڇا؟ اُتي ڪو طبيب ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو منهنجي قوم جي ڌيءَ چڱي ڀلي نٿي ٿئي.


۽ جلدي ڪري اسان جي لاءِ اوسارڻ قبول ڪن، تہ اسانجين اکين مان ڳوڙها وهن، ۽ اسان جن ڇپرن مان پاڻي جاري ٿئي.


اڙي اوهين سڀ، جي هتان لنگهو ٿا، تن جي لاءِ هي ڪجهہ بہ نہ آهي ڇا؟ نظر ڪريو ۽ ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ڏک آهي ڇا؟ جو ڏک خداوند پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ جي ڏينهن مون کي رسايو آهي.


فرعون انهن کي ڏسندو ۽ پنهنجي سڄي جماعت جي نسبت ۾ هن کي تسلي ملندي، يعني فرعون ۽ سندس سڄو لشڪر جو ترار سان ڪُٺو ويو؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.


۽ اسان جي برخلاف ۽ اسان جي عدالت ڪندڙ قاضين جي برخلاف جيڪي هن فرمايو هو سڀ ثابت ڪيو اٿس، جو هڪڙي وڏي آفت اسان تي آندي اٿس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو ٻيو ڪٿي بہ آسمان هيٺ نہ ڪيو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ