Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 2:1 - Sindhi Bible

1 خداوند صيون جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪاوڙ جي بادل سان ڪيئن نہ ڍڪي ڇڏيو آهي! هن اسرائيل جي سونهن آسمان مان هيٺ زمين تي اُڇلائي وڌي آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن پنهنجي پيرن جي صندليءَ کي ياد نہ ڪيو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 آہ! پروردگار پنهنجي غضب وچان، پياري صيئون کان ڪيڏي نہ سخت نفرت ٿو ڪري. جيتوڻيڪ اهو بني اسرائيل جي عظمت، ۽ پروردگار جي پنهنجي آرام جي جاءِ هو، تنهن هوندي بہ ڌڻيءَ انهيءَ جي شان وَ شوڪت کي پنهنجي غضب وچان آسمان کان زمين تي اڇلائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 2:1
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي اسرائيل تنهنجو فخر مٿانهن هنڌن تي ڪُٺو پيو آهي! بهادر ڪيئن نہ ڪري پيا آهن!


تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي پير اُٿي بيٺو، ۽ چيائين تہ، اي منهنجا ڀائرو، ۽ منهنجي قوم، منهنجي ٻڌو: منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق لاءِ آرام گاهہ، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پير رکڻ جي صندلي ٺاهيان؛ ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.


اسين هن جي خيمن ۾ وڃي، سندس پيرن جي صندليءَ وٽ سجدو ڪنداسين.


تو هن جي جوانيءَ جا ڏينهن گهٽائي ڇڏيا آهن: ۽ کيس شرم سان ڍڪي ڇڏيو اٿيئي.


اوهين خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پيرن جي صندليءَ وٽ سجدو ڪريو: ڇو جو هو پاڪ آهي.


اسان جي پاڪ ۽ اسان جي سهڻي هيڪل، جتي اسان جن ابن ڏاڏن تنهنجي تعريف ٿي ڪئي، تنهن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان جون سڀ سٺيون شيون تباهہ ٿي ويون آهن.


تنهنجي سڀني عاشقن توکي وساري ڇڏيو آهي؛ اُهي توکي نٿا ڳولين: تنهنجي بيشمار گناهن جي سبب تنهنجو قصور وڏو آهي، انهي ڪري مون توکي دشمن وانگي زخم رسايو آهي، ۽ ظالم وانگي سيکت ڏني اٿم،


جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!


اڙي اوهين سڀ، جي هتان لنگهو ٿا، تن جي لاءِ هي ڪجهہ بہ نہ آهي ڇا؟ نظر ڪريو ۽ ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ڏک آهي ڇا؟ جو ڏک خداوند پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ جي ڏينهن مون کي رسايو آهي.


خداوند ائين ڪيو آهي جيئن هن رٿيو هو؛ قديم ڏينهن ۾ هن جيڪو ڪلام ڪيو سو پورو ڪيو اٿس؛ هن ڊاهي وڌو آهي ۽ قياس ڪونہ ڪيو اٿس: ۽ هن دشمن کي توتي خوش ڪرايو آهي، هن تنهنجن ويرين جو سڱ مٿي ڪيو آهي.


سون ڪيئن نہ جهڪو ٿي ويو آهي! تمام خالص سون ڪيئن نہ بدلجي ويو آهي! پاڪ مڪان جا پٿر سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي اُڇليا ويا آهن.


خداوند پنهنجو غضب پورو ڪيو آهي، هن پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ هاري وڌي آهي؛ ۽ هن صيون ۾ باهہ ٻاري آهي، جنهن انهيءَ جو بنياد ناس ڪري ڇڏيو آهي.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۾ انهي کي طوفان جهڙي واچ سان ڀڃي ڇڏيندس؛ ۽ منهنجي غصي ۾ هڪڙي تمام زور واري برسات ايندي، ۽ وڏا غضب جا ڳڙا انهي کي چٽ ڪري ڇڏيندا.


پر اُها ڪاوڙ ۾ پَٽي ويئي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي، ۽ اُڀرندي جي واءُ ان جو ڦر سُڪائي ڇڏيو: ان جون مضبوط ڪاٺيون ڀڄي ڪومائجي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي ٻاري ڇڏيو.


اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجو پاڪ مڪان، جو اوهان جي طاقت جو فخر آهي، ۽ اوهان جي اکين جي خواهش آهي، ۽ جنهن تي اوهان جو هانءُ ٿو ڪُرڪي، تنهن کي آءٌ ناپاڪ ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئرون، جي اوهين پٺيان ڇڏي آيا آهيو، سي ترار سان ڪِرندا.


تحفنحيس بہ اُهو ڏينهن پاڻ ڪڍي وٺندو، ۽ انهي وقت اُتي آءٌ مصر جون پاڃاريون ڀڃي ڇڏيندس، ۽ سندس طاقت جو فخر منجهس گم ٿي ويندو: ۽ خود کيس بادل ڍڪي ڇڏيندو: ۽ سندس ڌيئرون قيد ٿي وينديون.


اونداهيءَ ۽ انڌاري جو ڏينهن، بادل ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛ جيئن پرهہ ڦٽي جبلن تي پکڙندي آهي، تيئن هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم، جنهن جهڙي نہ اڳي ڪڏهن ڪا ٿي آهي ۽ نہ وري هن کانپوءِ گهڻين پيڙهين تائين ڪڏهن ڪا ٿيندي، اچي ٿي.


اي ڪفرناحوم، تون آسمان تائين چاڙهيو ويندين ڇا؟ تون هيٺ مئلن جي عالم ۾ لهي اچي پوندين، ڇالاءِ جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم ۾ ڪيا وڃن ها تہ جيڪر اڄ تائين اُهو قائم رهي ها.


۽ اي ڪفرناحوم، ڇا تون ڀانئين ٿو تہ توکي آسمان تائين چاڙهيندا؟ نہ، اُٽلندو توکي لاهي هيٺ عالم ارواح ۾ وجهندا.


تڏهن پاڻ انهن کي چيائين، تہ مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪِرندو ڏٺو.


۽ هن ٻار جو نالو يڪبود رکيو، جو چيائين تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو: ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي ۽ سندس سهرو ۽ سندس مڙس مري ويا.


۽ چوڻ لڳي تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو؛ ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ