زاريون 1:9 - Sindhi Bible9 سندس گند سندس دامن ۾ هو؛ هن کي پنهنجي پڇاڙي ياد نہ هئي؛ تنهن ڪري هوءَ عجيب طرح هيٺ لهي آئي آهي؛ ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونہ اٿس: اي خداوند، منهنجو ڏک ڏس: ڇالاءِ جو دشمن پاڻ کي وڏو ڪيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible9 جيتوڻيڪ سندس دامن گناهن جي گندگيءَ سان ڀريل هو، تڏهن بہ هن کي پنهنجي انجام بابت ڪو فڪر ڪونہ هو. پر هاڻ اها وسندي نهايت هيبتناڪ نموني سان هيٺ ڪيرائي ويئي آهي. کيس دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونهي، توڙي جو هوءَ دانهون ڪري چوي ٿي تہ ”اي خداوند! آءٌ مصيبت ۾ آهيان، منهنجي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ دشمن مون تي غالب پئجي ويا آهن.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.