Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 1:22 - Sindhi Bible

22 هنن جي سڀ شرارت ڀلي تہ تنهنجي اڳيان اچي؛ ۽ جيڪي منهنجن سڀني گناهن جي ڪري تو مون سان ڪيو آهي سو هنن سان بہ ڪر: ڇالاءِ جو منهنجون آهون گهڻيون آهن، ۽ منهنجي دل سست آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 شل هنن جون بڇڙايون تو کان ڳجھيون نہ رهن! منهنجي سمورن گناهن جي ڪري جهڙي سزا تو مون کي ڏني آهي، تهڙي انهن کي بہ ڏي. سچ پچ تہ آءٌ اهڙي مايوس ٿي پيئي آهيان، جو منهنجيون آهون رڪجن ئي نہ ٿيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 1:22
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند مون کي جلد جواب ڏي؛ منهنجو روح ماندو ٿو ٿئي، مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ متان آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر ۾ ٿا پون.


ڌاريون قومون ڇو چون تہ انهن جو خدا ڪٿي آهي؟ هيئن ڪر تہ تنهنجي ٻانهن جي رت جو بدلو ڌارين قومن ۾ اسان جي ڏسندي ظاهر ٿئي.


تنهن ڪري سڀ هٿ ضعيف ٿيندا، هر ڪنهن ماڻهوءَ جي دل پگهري ويندي؛


جيڪي بت پرست توکي نٿا سڃاڻن تن کي، ۽ جيڪي قبيلا تنهنجو نالو وٺي نٿا سڏين، تن تي پنهنجو قهر اوتي وجهہ؛ ڇالاءِ جو هنن يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي؛ هائو انهن انهي کي کائي کپائي ڇڏيو آهي، ۽ انهي جي رهڻ جي جاءِ ويران ڪري ڇڏي اٿن.


هائو، اي خداوند، توکي خبر آهي تہ هنن منهنجي قتل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي صلاح ڪئي آهي؛ هنن جي بدڪاري معاف نہ ڪر، نڪي هنن جو گناهہ پنهنجي نظر کان لڪائي ڇڏ: بلڪ هنن کي پنهنجي اڳيان اونڌو ڪري ڪيراءِ، پنهنجي ڪاوڙ جي وقت هنن سان جوڳي هلت ڪر.


تنهن ڪري جيڪي توکي ڳڙڪائين ٿا سي پاڻ ڳيسجي ويندا؛ ۽ تنهنجا سڀيئي مخالف قيد ٿي ويندا؛ ۽ جيڪي توکي لٽين ٿا سي پاڻ لٽجي ويندا، ۽ جيڪي توکي شڪار ڪن ٿا تن کي آءٌ شڪار لاءِ ڏيئي ڇڏيندس.


صيون جو رهاڪو چوندو تہ جيڪو ظلم مون سان ۽ منهنجن ماڻهن سان آهي سو شل بابل جي سر تي هجي؛ ۽ يروشلم چوندو تہ منهنجو خون شل ڪسديہ جي ماڻهن جي سر تي هجي.


شل ڏک کان آءٌ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهان! منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي.


هن مٿان منهنجن هڏن ۾ باهہ موڪلي آهي، ۽ اُها انهن کي وڪوڙي ويئي آهي: هن منهنجن پيرن لاءِ دام پکيڙيو آهي، هن مون کي پٺ تي ڦيرايو آهي؛ هن مون کي سڄو ڏينهن ويران ۽ ماندو ڪيو آهي.


انهيءَ ڪري اسان جي دل ماندي آهي؛ انهن ڳالهين ڪري اسان جي اکين ۾ ڌنڌ آهي؛


ڇوتہ جي سائي وڻ سان هيئن ٿا ڪن، تہ سُڪي سان ڇا نہ ڪندا.


تنهنڪري آئون عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو، تن جي ڪري همت نہ هاريو، جو اهي اوهان جي لاءِ عزت جو سبب آهن.


۽ انهن وڏي آواز سان چيو تہ اي پاڪ ۽ سچا خداوند خدا، تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين، ۽ جيڪي زمين تي آهن، تن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ