Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 1:13 - Sindhi Bible

13 هن مٿان منهنجن هڏن ۾ باهہ موڪلي آهي، ۽ اُها انهن کي وڪوڙي ويئي آهي: هن منهنجن پيرن لاءِ دام پکيڙيو آهي، هن مون کي پٺ تي ڦيرايو آهي؛ هن مون کي سڄو ڏينهن ويران ۽ ماندو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هُن آسمان منجھان اهڙي باهہ موڪلي، جنهن منهنجي هڏين کي بہ ساڙي ڇڏيو. مون کي ڦندي ۾ ڦاسائي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو اٿس. مون کي اهڙي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو اٿس، جيڪو منهنجي جان ئي نہ ٿو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 1:13
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هو خود پنهنجن پيرن سان اُڇلجي اچي ڄار ۾ پيو آهي، ۽ هو ڦندن جي مٿان هلي ٿو.


تہ ڄاڻو، تہ خدا منهنجي معاملي ۾ مون کي اُڇلائي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي چوڌاري ڄار وڌي اٿس.


منهنجي کل ڪاري آهي، ۽ مون تان لهيو ٿي پوي، ۽ منهنجا هڏا گرميءَ جي ڪري سڙي ويا آهن.


جيڪي صيون سان عداوت ٿا رکن، سي سڀيئي شل ڦڪا ٿي پٺ تي هٽجن.


مغرورن مون لاءِ ڦندو ۽ رسيون لڪائي رکيون آهن؛ ۽ واٽ جي ڀرسان ڄار پکيڙيو اٿن؛ انهن مون لاءِ ڦاهي وڇائي آهي.


آءٌ پاڻيءَ وانگي پيو هارجان، ۽ منهنجون سڀ هڏيون سنڌن مان نڪري ويون آهن: منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي اندر ۾ پگهري ويئي آهي.


ڇالاءِ جو منهنجي حياتي غم ۾، ۽ منهنجي عمر آهون ڀريندي گذري ويئي آهي: منهنجي طاقت منهنجي گناهہ جي ڪري گهٽجي ويئي آهي، ۽ منهنجون هڏيون سڙي سڪي ويون آهن.


جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ ٿا گهرن سي شرمندا ۽ خوار ٿين: ۽ جيڪي منهنجا مٺ گهرا آهن سي پٺ تي هٽجي ڦڪا ٿين.


آءٌ هيڻو ۽ بلڪل چٿيل آهيان: ۽ دل جي بيچينيءَ جي ڪري دانهون پيو ڪريان.


تو اسان کي ڄار ۾ وڌو؛ تو اسان جي پٺيءَ تي ڳورو بار رکيو آهي.


اوهين انهيءَ مان ڪي بہ ڪچو، يا پاڻيءَ ۾ ٻاڦي نہ کائجو، پر انهيءَ جي منڍي، پاون ۽ آنڊن سميت باهہ تي پچائي کائجو.


اهي جي اُڪريل مورتن تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ جي پلٽيل مورتن کي چون ٿا تہ اوهين خدا آهيو، سي پٺ تي ڦيريا ويندا، ۽ اهي ڏاڍا شرمندا ٿيندا.


جنهن ڪري منهنجو غضب ۽ منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪي نڪتي، ۽ يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ٻرڻ لڳي؛ ۽ هو زبون ۽ ويران ٿي ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


هنن جي سڀ شرارت ڀلي تہ تنهنجي اڳيان اچي؛ ۽ جيڪي منهنجن سڀني گناهن جي ڪري تو مون سان ڪيو آهي سو هنن سان بہ ڪر: ڇالاءِ جو منهنجون آهون گهڻيون آهن، ۽ منهنجي دل سست آهي.


هن منهنجا رستا پاسيرا ڪري ڇڏيا آهن، ۽ مون کي ڇني ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو اٿس؛ هن مون کي سڃو ڪري ڇڏيو آهي.


انهيءَ ڪري اسان جي دل ماندي آهي؛ انهن ڳالهين ڪري اسان جي اکين ۾ ڌنڌ آهي؛


آءٌ پنهنجو ڄار بہ هن تي پکيڙيندس، ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسي پوندو: ۽ آءٌ هن کي بابل ۾ ۽ ڪسدين جي ملڪ ۾ وٺي ايندس، تہ بہ هو انهي کي نہ ڏسندو، جيتوڻيڪ هو اُتي مرندو.


۽ آءٌ پنهنجو ڄار هن تي پکيڙيندس ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسندو، آءٌ هن کي بابل ۾ آڻيندس، ۽ اُتي جيڪو گناهہ هن منهنجي نافرمانيءَ ڪري ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هن سان بحث ڪندس.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ گهڻين قومن جي جماعت سان توتي پنهنجو ڄار پکيڙي وجهندس؛ ۽ اُهي توکي منهنجي ڄار ۾ ڦاسائي آڻيندا.


جڏهن هو ويندا، تڏهن آءٌ هنن تي پنهنجو ڄار پکيڙيندس؛ ۽ آءٌ هنن کي هوا جي پکين وانگر هيٺ لاهيندس: آءٌ هنن کي سيکت ڏيندس، جيئن سندن جماعت ٻڌو آهي.


هن جي غصي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟ ۽ هن جي ڪاوڙ جي جوش مهل ڪير بيهي سگهندو! هن جو قهر باهہ وانگي ڦاٽي ٿو نڪري، ۽ ٽڪرن کي هو چيري ٿو ڇڏي.


مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.


انهن قومن منجهہ توکي سک ڪونہ ملندو، نڪي تنهنجي پير جي تريءَ کي آرام ايندو: خداوند توکي اتي دل جي ڏڪڻي، ۽ اکين جو ڌنڌ، ۽ جان جو جهورو ڏيندو:


۽ جيڪي خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جيڪي اسان جي خداوند يسوع جي خوشخبري نٿا مڃين، تن کان بدلو وٺندو.


ڇالاءِ جو اسان جو خدا ڀسم ڪرڻ واري باهہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ