Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 9:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هنن يشوع کي چيو تہ اسين تنهنجا ٻانها آهيون. تڏهن يشوع هنن کي چيو تہ اوهين ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن هنن يشوع کي چيو تہ ”اسين تنهنجا ٻانها آهيون.“ تنهن تي يشوع کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 9:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو گهر جي ڪم ڪار جي نظرداري ڪندڙ هو، ۽ جيڪو شهر جي سنڀال ڪندڙ هو، ۽ بزرگن، ۽ ٻارن جي پالڻ وارن بہ، ياهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ اسين تنهنجا نوڪر آهيون، جيئن تون چوندين تيئن ڪنداسين؛ اسين ٻئي ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ ڪنداسين: جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو تون ڪر.


۽ جيڪڏهن هو توکي صلح جو جواب ڏي، ۽ تنهنجي لاءِ دروازا کولي ڇڏي، تہ جيڪي ماڻهو انهي ۾ هجن، سي سڀ تنهنجا ڍل ڀريندڙ ٿيندا، ۽ تنهنجي خدمت ڪندا.


تڏهن جبعون جي ماڻهن يشوع ڏي جلجال جي منزل تي چوائي موڪليو تہ تون پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻ؛ جلد اچي اسان کي بچاءِ، ۽ اسان جي مدد ڪر: ڇالاءِ جو امورين جا سڀ بادشاهہ، جي جبلن ۾ ٿا رهن، سي اسان جي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن.


تنهنڪري اسان جي بزرگن، ۽ اسان جي ملڪ جي سڀني رهاڪن اسان کي چيو، تہ اوهين سفر جي لاءِ سمر کڻي هنن سان گڏجڻ وڃو، ۽ چئون تہ اسين اوهان جا ٻانها آهيون؛ تنهنڪري هاڻي اسان سان عهد ٻڌو.


تنهنڪري هاڻي اوهين لعنتي ٿيا، ۽ اوهان مان ڪوبہ، غلاميءَ، ۽ منهنجي خدا جي گهر لاءِ ڪاٺين وڍڻ، ۽ پاڻي ڀرڻ جي ڪم کان آزاد نہ ٿيندو.


۽ هاڻي ڏس، اسين تنهنجي هٿ ۾ آهيون: جيئن توکي چڱو ۽ مناسب ڏسڻ ۾ اچي، تيئن اسان سان ڪر.


۽ انهيءَ ڏينهن يشوع انهن کي جماعت جي لاءِ، ۽ خداوند جي قربانگاهہ لاءِ، ڪاٺين وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ مقرر ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ