Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 9:27 - Sindhi Bible

27 ۽ انهيءَ ڏينهن يشوع انهن کي جماعت جي لاءِ، ۽ خداوند جي قربانگاهہ لاءِ، ڪاٺين وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ مقرر ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 انهيءَ سان گڏوگڏ يشوع انهن کي قوم جي لاءِ ۽ خداوند جي قربان‌گاهہ جي لاءِ ڪاٺير ۽ ماشڪيءَ جي ڪم تي مقرر ڪيو. اڄ ڏينهن تائين هو انهيءَ قربان‌گاهہ واري جاءِ ۾ اهو ڪم ڪندا ٿا اچن، جا خدا پنهنجي لاءِ چونڊي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 9:27
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اسين لبنان مان ايترو ڪاٺ وڍينداسين، جيترو تون گهرندين: ۽ اهو سمنڊ جي رستي ٻيڙين وانگر تاري، يافا تائين آڻينداسين؛ پوءِ اُهو تون اتان کڻائي يروشلم ۾ آڻج.


۽ جيڪي جوان جنگ تي ويا هئا، تن کان تون خداوند جي لاءِ محصول اُڳاڙ: پنجن پنجن سون مان هڪڙو ساهوارو، جهڙو ماڻهن مان تهڙو ڍورن، گڏهن ۽ ڌڻن مان:


۽ بني اسرائيل واري اڌ حصي مان، پنجاهن پنجاهن مان هڪڙو، ماڻهن توڙي ڍورن، گڏهن توڙي ڌڻن منجهان، مطلب تہ هر قسم جي چوپائي مال مان هڪڙو ڪڍي لاوين کي ڏي، جي خداوند جي عبادتگاهہ جي نگهباني ٿا ڪن.


۽ موسيٰ بني اسرائيل جي حصي مان، پنجاهہ پنجاهہ مان هڪڙو، يعني ماڻهن توڙي جانورن منجهان هڪڙو ڪڍي لاوين کي ڏنو، جن خداوند جي عبادتگاهہ جي نگهباني ٿي ڪئي؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم فرمايو هو.


تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا:


پر جيڪا جاءِ خداوند تنهنجن قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، اتي ئي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون پيش ڪجو؛ ۽ جن ڪمن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي سڀ اتي ئي ڪجو.


بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو:


پوءِ انهن سردارن هنن کي چيو تہ هي ڀلي جيئرا رهن، پر سڄي جماعت لاءِ ڪاٺيون وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ ٿي رهن؛ جيئن سردارن هنن سان انجام ڪيو هو.


۽ هن انهن سان ائين ڪيو، ۽ بني اسرائيل جي هٿن مان ڇڏايائين، ۽ هنن انهن کي قتل نہ ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ