Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 9:24 - Sindhi Bible

24 ۽ هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن ٻانهن کي پڪيءَ طرح خبر پيئي هئي، تہ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تہ آءٌ توکي هي سارو ملڪ ڏيندس، ۽ انهيءَ ملڪ جا سڀ رهاڪو تنهنجي اڳيان ناس ڪري ڇڏيندس؛ تنهنڪري اسان کي پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، ۽ انهي ڪري اسان هيئن ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 هنن يشوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان توهان جن ٻانهن کي پڪيءَ طرح اِها خبر پيئي هئي تہ خداوند توهان جي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ هو اوهان کي هي سڄو ملڪ ڏيندو ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي اوهان جي اڳيان ماري ڇڏيندو. سو اسان کي اوهان کان پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، انهيءَ ڪري ئي اسان ائين ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 9:24
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ، کل جي بدران کل، بلڪ جيڪي بہ ڪنهن انسان وٽ آهي سو هو پنهنجي حياتيءَ جي عيوض ڏيندو.


۽ جيڪي بدن کي ماري ٿا وجهن، پر روح کي ماري نٿا سگهن، تن کان نہ ڊڄو، پر اُنهي کان ڊڄو جو روح ۽ بدن ٻنهي کي جهنم ۾ وجهي برباد ڪري ٿو سگهي.


تڏهن هنن کي ڏاڍو ڊپ لڳو، ڇالاءِ جو جبعون وڏو شهر هو، ۽ شاهي شهرن مان هڪڙو هو، ۽ عئي کان وڏو هو، ۽ اُتي جا سڀ ماڻهو زور ڀريا هئا.


۽ جنهن وقت اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون تنهن وقت اسان جون دليون پگهرجي ويون، ۽ اوهان جي ڊپ کان ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ وڌيڪ همت ڪانہ رهي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا مٿي آسمان جو، ۽ هيٺ زمين جو، خدا آهي.


۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏنو آهي، ۽ اوهان جو ڊپ اسان تي غالب ٿيو آهي، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان جي هيبت کان ساڻا ٿي پيا آهن.


۽ جيڪي بہ شهر ۾ هو، يعني مرد توڙي زالون، ننڍا توڙي وڏا، ڏاند، رڍون، ۽ گڏهہ، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان صفا ناس ڪري ڇڏيائون.


تڏهن هنن چيس تہ تنهنجا ٻانها پرانهين ملڪ مان خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ آيا آهن؛ ڇالاءِ جو اسان انهي جي ناموس ۽ جيڪي انهيءَ مصر جي ملڪ ۾ ڪيو هو سو ٻڌو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ