Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 9:18 - Sindhi Bible

18 ۽ بني اسرائيل انهن کي نہ ماريو، ڇالاءِ جو بني اسرائيل جي سردارن انهن سان خداوند اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو هو، ۽ سڄي جماعت انهن سردارن جي شڪايت ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پر بني اسرائيل انهن تي حملو نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ قوم جي اڳواڻن انهن سان خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو هو. انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو انهيءَ بابت اڳواڻن خلاف ڪُرڪڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 9:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بادشاهہ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي وچ ۾ خداوند جو قسم هو، يعني دائود ۽ يونتن بن سائول جي وچ ۾.


جنهن جي نظر ۾ ڪميڻو ماڻهو نفرتي آهي؛ پر جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، تن جي عزت ٿو ڪري، ۽ جڏهن قسم ٿو کڻي، تڏهن پنهنجي نقصان هوندي بہ ڦري نٿو وڃي.


پنهنجي وات سان اُٻهرائي نہ ڪر، ۽ نہ پنهنجي دل کي خدا جي اڳيان تڪڙ ڪري ڪجهہ بہ چوڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو خدا آسمان ۾ آهي، ۽ تون زمين تي آهين؛ تنهن ڪري ٿورو ڳالهاءِ.


پنهنجي وات کي نہ ڇڏ تہ تنهنجي جسم کان گناهہ ڪرائي؛ نڪي تون فرشتي جي اڳيان چئُہ تہ اها چڪ هئي: ڇالاءِ خدا تنهنجي ڳالهائڻ تي ڪاوڙجي، ۽ تنهنجي هٿن جو ڪم ناس ڪري ڇڏي؟


سڀ ڳالهيون سڀني تي هڪ جهڙيون اچن ٿيون: ساڳي هڪڙي حالت سچي سان بہ لاڳو آهي، ۽ شريرن سان بہ؛ چڱي سان بہ، ۽ پاڪ سان بہ؛ جيڪو قرباني ڪري ٿو تنهن سان بہ، ۽ جيڪو قرباني نٿو ڪري تنهن سان بہ: جهڙو نيڪ آهي، تهڙو گنهگار: جهڙو قسم کڻندڙ آهي، تهڙو اُهو جو قسم کان ڊڄي ٿو.


۽ جيڪڏهن ڪا زال خداوند جي حضور ۾ ڪا مڃتا مڃي، ۽ ننڍيءَ وهيءَ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهندي، ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکي؛


پر جي تون مڃتا نہ مڃيندين، تہ پوءِ تو تي ڪو گناهہ ڪونہ ايندو.


جيڪي تنهنجي وات مان نڪري سو تون ضرور پورو ڪج، ۽ جيڪا مڃتا تو خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ مڃي هجي، يعني جنهن بہ خوشيءَ جي قربانيءَ جو واعدو تو پنهنجي وات مان ڪڍيو هجي، سا ضرور پوري ڪج.


جڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڊاک جي منهہ ۾ وڃين، تڏهن جيتري ڊاک وڻيئي اوتري کائي پيٽ ڀرج؛ پر پنهنجي ٿانوَ ۾ ڪي بہ نہ کڻج.


پوءِ بني اسرائيل سفر ڪري اڳتي هليا، ۽ ٽئين ڏينهن هنن جي شهرن ۾ اچي داخل ٿيا. هاڻي هنن جا شهر جبعون، ۽ ڪفيرہ، ۽ بيروت، ۽ قريٿ يعريم هئا.


پر سڀني سردارن جماعت کي چيو تہ اسان هنن سان خداوند اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو آهي: تنهنڪري هاڻي اسين هنن کي هٿ لائي نہ سگهنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ