Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 9:17 - Sindhi Bible

17 پوءِ بني اسرائيل سفر ڪري اڳتي هليا، ۽ ٽئين ڏينهن هنن جي شهرن ۾ اچي داخل ٿيا. هاڻي هنن جا شهر جبعون، ۽ ڪفيرہ، ۽ بيروت، ۽ قريٿ يعريم هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 سو بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن ماڻهن جي شهرن ۾ اچي پهتا. انهن جا شهر هي هئا: جِبعون، ڪفيرہ، بيروت ۽ قريت‌يعريم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 9:17
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سائول جي پٽ اشبوست وٽ ٻہ ماڻهو هئا جي لشڪرن جا سردار هئا: هڪڙي جو نالو بعنہ هو ۽ ٻئي جو نالو ريڪاب هو، ٻئي رمون بيروتيءَ جا پٽ هئا، جو بنيمين مان هو: (ڇالاءِ جو بيروت بہ بنيمين جي شمار ۾ ٿو اچي:


۽ اسماعيہ جبعوني، جو ٽيهن ۾ طاقت وارو ماڻهو هو، ۽ اُنهن جي مٿان هو؛ ۽ يرمياہ، ۽ يحزيئيل، ۽ يوحنان، ۽ يوزباد جديراتي؛


ڪالب جا پٽ هي هئا: افراتہ جي پهريتي حور جو پٽ قريت يعريم جو پيءُ سوبل.


۽ قريت يعريم جي پيءُ سوبل کي هي پٽ هئا؛ هرائي، ۽ منوخوت جا اڌ ماڻهو.


۽ قريت يعريم جا گهراڻا؛ اتري، فوتي، سماتي، ۽ مسراعي؛ انهن مان صرعتي ۽ استاولي آيا.


ڇالاءِ تہ خداوند جو تنبو ۽ سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ، جي موسيٰ بيابان ۾ جوڙيا، سي انهيءَ وقت جبعون جي مٿانهينءَ جاءِ ۾ هئا.


قريت عريم، ڪفرہ ۽ بيروت جا ماڻهو ست سؤ ٽيتاليهہ.


قريت يعريم، ڪفيرہ ۽ بيروت جا ماڻهو، ست سؤ ٽيتاليهہ.


۽ هڪڙو ٻيو بہ ماڻهو هو جنهن خداوند جي نالي سان نبوت ڪئي يعني اورياہ بن سمعياہ، جو قريت يعريم جو ويٺل هو، ۽ اُنهي بہ يرمياہ جي سڀني ڳالهين موافق هن شهر ۽ هن ملڪ جي برخلاف نبوت ڪئي:


تڏهن هنن کي ڏاڍو ڊپ لڳو، ڇالاءِ جو جبعون وڏو شهر هو، ۽ شاهي شهرن مان هڪڙو هو، ۽ عئي کان وڏو هو، ۽ اُتي جا سڀ ماڻهو زور ڀريا هئا.


قريٿ بعل، (جو قريٿ يعريم آهي)، ۽ ربہ، ٻہ شهر سندن ڳوٺن سميت.


پوءِ اُها سرحد ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ لهي نفتوح جي پاڻيءَ واري چشمي تائين آئي، ۽ وري چڙهي عفرون جبل جي شهرن ڏانهن ويئي؛ پوءِ اُها سرحد لهي بعلہ ڏانهن آئي، (جو قريٿ يعريم آهي).


پوءِ اُها سرحد اُتان نڪتي، ۽ جيڪا ٽڪري بيت حورون جي سامهون ڏکڻ ڏانهن آهي، تنهن جي چوڌاري ڦري ڏکڻ ڏانهن ويئي؛ ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي قريٿ بعل وٽ بيٺي (جو قريٿ بعريم آهي)، ۽ بني يهوداہ جو شهر آهي: اها هئي اُلهندي واري سرحد.


۽ ڏکڻ واري سرحد، قريٿ يعريم جي پڇاڙيءَ کان ٿي اُلهندي ڏانهن ويئي، ۽ نفتوح واري پاڻيءَ جي چشمي تائين نڪري ويئي:


انهن هنن سان عهد ٻڌو، تنهن کان پوءِ جڏهن ٽي ڏينهن گذريا، تڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هو سندن پاڙيسري آهن، ۽ منجهن ئي ٿا رهن.


۽ بني اسرائيل انهن کي نہ ماريو، ڇالاءِ جو بني اسرائيل جي سردارن انهن سان خداوند اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو هو، ۽ سڄي جماعت انهن سردارن جي شڪايت ڪرڻ لڳي.


پر جڏهن جبعون جي رهاڪن ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئيءَ سان ڇا ڪيو آهي،


تڏهن هنن چيس تہ تنهنجا ٻانها پرانهين ملڪ مان خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ آيا آهن؛ ڇالاءِ جو اسان انهي جي ناموس ۽ جيڪي انهيءَ مصر جي ملڪ ۾ ڪيو هو سو ٻڌو آهي،


۽ هو مٿي چڙهي ويا، ۽ يهوداہ ۾ قريت يعريم ۾ وڃي منزل ڪيائون: جنهنڪري انهي جاءِ کي اڄ ڏينهن تائين منح دان ڪري سڏيندا آهن: ڏسو، اُهو قريت يعريم جي پٺيان آهي.


۽ هنن قريت يعريم جي رهاڪن ڏي قاصد موڪلي چيو تہ فلستي خداوند جي صندوق موٽائي کڻي آيا آهن؛ اوهين لهي اچو، ۽ اُها پاڻ وٽ کڻي وڃو.


۽ قريت يعريم جا ماڻهو آيا، ۽ اُنهن خداوند جي صندوق کڻي ابينداب جي گهر آندي، جو ٽڪريءَ تي هو؛ ۽ انهي جي پٽ اليعزر کي خداوند جي صندوق جي سنڀال لاءِ خاص طرح پاڪ ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ