Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 9:15 - Sindhi Bible

15 ۽ يشوع هنن سان صلح ڪيو، ۽ ساڻن عهد ٻڌائين، تہ هنن کي جيئدان ملي: ۽ جماعت جي سردارن هنن سان قسم کنيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ يشوع ساڻن صلح ڪري کين جيئدان ڏيڻ جو عهد ڪيو ۽ قوم جي اڳواڻن قسم کڻي انهيءَ عهد جي تائيد ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 9:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ جبعونين کي سڏي چيو؛ (هاڻي اهي جبعوني بني اسرائيل مان نہ هئا پر باقي بچيل امورين مان هئا؛ ۽ بني اسرائيل هنن سان قسم کنيو هو: ۽ سائول بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ جي جوش ۾ هنن کي قتل ڪرڻ ٿي گهريو:)


تون انهن سان يا انهن جي معبودن سان ڪوبہ عهدنامو نہ ڪج.


هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق ٻڌو تہ يشوع ڪيئن نہ عئي ورتو آهي، ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس؛ جيئن هن يريحو، ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان ڪيو هو تيئن هن عئي ۽ انهي جي بادشاهہ سان بہ ڪيو آهي؛ ۽ هي بہ ٻڌائين تہ جبعون جي رهاڪن اسرائيل سان صلح ڪيو آهي، ۽ انهن منجهہ پيا گذارين؛


مون وٽ اچو، ۽ مون کي مدد ڏيو تہ جبعون کي ماريون؛ ڇالاءِ جو هن يشوع ۽ بني اسرائيل سان صلح ڪيو آهي.


هڪڙو بہ شهر نہ هو جنهن بني اسرائيل سان صلح ڪيو، سواءِ حوين جي، جي جبعون ۾ رهندا هئا: ٻيا سڀ هنن جنگ ۾ ورتا.


انهن هنن سان عهد ٻڌو، تنهن کان پوءِ جڏهن ٽي ڏينهن گذريا، تڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هو سندن پاڙيسري آهن، ۽ منجهن ئي ٿا رهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ