Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 8:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين شهر وٺو، تڏهن شهر کي باهہ ڏجو: جيئن تہ خداوند حڪم ڏنو آهي: ڏسو، مون اوهان کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن اوهين شهر تي قبضو ڪري وڃو، تڏهن انهيءَ کي باهہ ڏيئي ڇڏجو. ائين ئي ڪجو جيئن خداوند حڪم ڏنو آهي. ياد رکو، مون اوهان کي اهو حڪم ٻڌائي ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 8:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو.


پر هنن قومن جا شهر، جي خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ٿو ڏئي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏج:


تڏهن هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪو بہ حڪم تو اسان کي ڏنو آهي سو اسين بجا آڻينداسين، ۽ جيڏانهن تون اسان کي موڪليندين اوڏانهن اسين وينداسين.


مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي.


پوءِ هنن انهي شهر کي، جيڪي منجهس هو تنهن سميت باهہ سان ساڙي ڇڏيو: فقط روپو، ۽ سون، ۽ پتل، ۽ لوهہ جا ٿانوَ هنن خدا جي گهر جي خزاني ۾ آندا.


۽ جڏهن هو ماڻهو قطارن ۾ ويهاريا ويا، يعني جيڪو سڄو لشڪر شهر جي اُتر ڏي هو سو، ۽ لڪي ويهڻ وارا جي شهر جي اُلهندي ڏي هئا؛ تڏهن يشوع انهيءَ رات واديءَ جي وچ ۾ ويو.


۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو.


۽ جيڪي شهر ۾ هئا سي هنن کي گڏجڻ لاءِ شهر مان نڪتا؛ انهي طرح هو اسرائيل جي وچ ۾ اچي پيا، ڪي هن پاسي ۽ ڪي هن پاسي: ۽ هنن انهن کي ايتري قدر ماريو، جو اُنهن مان هڪڙو بہ باقي ڪونہ بچيو، يا ڀڄي ڇٽو.


۽ يشوع عئي کي ساڙي هميشہ جي لاءِ ڍير ڪري ڇڏيو، ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ويران آهي.


تڏهن اوهين پنهنجي لڪڻ جي جاءِ تان اُٿي کڙا ٿجو، ۽ شهر وڃي وٺجو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا اُهو اوهان جي حوالي ڪندو.


۽ يشوع هنن کي موڪلي ڏنو: ۽ هو لڪي ويهڻ جي لاءِ روانا ٿيا، ۽ عئيءَ جي الهندي پاسي، عئي ۽ بيت ايل جي وچ ۾ ويهي رهيا: پر يشوع اُها رات پنهنجي ماڻهن منجهہ رهيو.


۽ هن ابي نوعم جي پٽ برق کي، قادس نفتاليءَ مان گهرائي چيو، تہ خداوند اسرائيل جي خدا اهڙو حڪم نہ ڏنو آهي ڇا، تہ تون تبور جبل ڏانهن وڃ، ۽ پاڻ سان بني نفتاليءَ ۽ بني زبولون جا ڏهہ هزار ماڻهو بہ وٺي وڃ؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ