۽ بادشاهہ رات جو اُٿيو، ۽ پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ هاڻي آءٌ اوهان کي ڏيکاريندس تہ ارامين اسان سان ڇا ڪيو آهي. هنن کي خبر آهي تہ اسين بکايل آهيون؛ تنهنڪري هو لشڪرگاهہ مان نڪري پاڻ کي جهنگ ۾ لڪائڻ ويا آهن، ۽ دل ۾ چيو اٿن تہ جڏهن هي شهر مان نڪرندا، تڏهن اسين هنن کي جيئرو پڪڙينداسين، ۽ شهر ۾ گهڙنداسين.