يشوع 8:33 - Sindhi Bible33 ۽ سڀ اسرائيلي، ۽ سندن بزرگ، ۽ سندن عملدار، ۽ سندن قاضي، توڙي مسافر، ۽ ٻيا جيڪي منجهن پيدا ٿيا هئا، سي خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارن لاوي ڪاهنن جي اڳيان، صندوق جي ٻنهي پاسن بيهي رهيا؛ انهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا، ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي اڳيئي حڪم ڏنو هو، تہ هو اسرائيل جي قوم کي دعا ڪن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible33 سڀ بني اسرائيل ڌارين سميت پنهنجن اڳواڻن، عملدارن ۽ ججن سان گڏ خداوند جي عهد واري صندوق جي ٻنهي پاسن کان انهيءَ صندوق جي کڻي هلندڙ لاوي ڪاهنن ڏانهن منهن ڪيو بيٺا هئا. ماڻهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا هئا ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون. خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي برڪت حاصل ڪرڻ جي وقت ائين ڪرڻ لاءِ اڳي ئي اهڙو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |