Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 8:31 - Sindhi Bible

31 ۽ جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، ۽ جهڙيءَ طرح موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ قربانگاهہ جا پهڻ سڄا هجن جن تي ڪنهن بہ ماڻهوءَ لوهہ نہ کنيو هجي: ۽ انهي تي هنن خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏنو هو. هن اها انهيءَ مطابق ٺاهي جيئن موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، يعني تہ ”هڪ اڻ‌گھڙيل پٿرن واري قربان‌گاهہ، جنهن تي ڪوبہ لوهي اوزار استعمال نہ ٿيو هجي.“ انهيءَ تي هنن ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 8:31
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انهن خونين جي پٽن کي هن قتل نہ ڪيو: جيئن ڪ موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ خداوند حڪم ڪري فرمايو تہ پيئر پٽن جي بدران قتل نہ ڪبا، نڪي پٽ پيئرن جي بدران قتل ڪبا؛ پر سڀڪو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مرندو.


۽ سردار ڪاهن خلقياہ محرر سافن کي چيو تہ مون خداوند جي گهر ۾ شريعت جو ڪتاب لڌو آهي. ۽ خلقياہ اُهو ڪتاب سافن کي ڏنو جنهن اُهو پڙهيو.


پر انهن جي اولاد کي نہ مارايو، ۽ جيئن موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تيئن ڪيائين، يعني جيئن خداوند فرمايو آهي تہ پيءُ پنهنجي اولاد جي بدران نہ مرندو، نڪي اولاد پنهنجي پيءُ جي بدران مرندو؛ پر سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي ئي گناهہ ڪري مرندو.


۽ هنن سوختني قربانيون کنيون، انهيءَ لاءِ تہ اهي بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جي حصن موجب هنن کي ڏئي ڇڏين، تہ خداوند جي لاءِ پيش ڪن، جيئن ڪ موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي. ۽ ڏاندن سان بہ هنن ائين ڪيو.


۽ هنن ڪاهنن کي، پنهنجي پنهنجي حصي ۾، لاوين کي پنهنجي پنهنجي واري تي، يروشلم ۾ خدا جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو؛ جيئن ڪ موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.


انهيءَ ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي هنن موسيٰ جو ڪتاب پڙهيو؛ ۽ انهيءَ ۾ لکيل ڏسڻ ۾ آيو تہ عموني ۽ موآبي خدا جي جماعت ۾ ڪڏهن بہ داخل نہ ٿين؛


پوءِ موسيٰ جي سهري يترو، خدا جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني ۽ ڪي ٻيون قربانيون آنديون، ۽ هارون ۽ اسرائيل جا سڀيئي بزرگ، خداوند جي حضور ۾، موسيٰ جي سهري سان گڏ ماني کائڻ آيا.


۽ هن بني اسرائيل جي ڪيترن جوانن کي موڪليو، جن سوختنيون قربانيون چاڙهيون؛ ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن جون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون.


۽ جيڪڏهن شيطان، شيطان کي ڪڍندو تہ منجهس ڦيٽهڙو پوندو ۽ پوءِ سندس بادشاهت ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟


۽ جنهن ڏينهن اوهين يردن لنگهي انهي ملڪ ۾ وڃو جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، انهي ڏينهن تون وڏا وڏا پهڻ کڙا ڪج، ۽ انهن کي گچ سان لنبي ڇڏج:


تون انهن پهڻن تي هن شريعت جون سڀ ڳالهيون تمام چٽيءَ طرح لکج.


اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان وسرڻ نہ گهرجي، پر رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪج، تہ جيڪي انهيءَ منجهہ لکيل آهي تنهن موجب انهيءَ تي عمل ڪندو رهين: ڇالاءِ جو ائين ئي تنهنجو رستو برڪت وارو ٿيندو، ۽ تون پوريءَ طرح ڪامياب ٿيندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ