Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 8:3 - Sindhi Bible

3 انهي موجب يشوع، ۽ سڀ جنگي مرد، عئيءَ تي ڪاهي وڃڻ لاءِ اُٿيا: ۽ يشوع ٽيهہ هزار بهادر مرد چونڊي ڪڍيا، ۽ انهن کي رات جو موڪلي ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سو يشوع ۽ سندس سڀ جنگي مرد عئي شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. يشوع ٽيهہ هزار بهادر جنگي جوان چونڊي ڪڍيا ۽ انهن کي رات جو روانو ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 8:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن موسيٰ يشوع کي چيو تہ اسان مان ڪي ماڻهو چونڊي ڪڍ، ۽ وڃي عماليقين سان وڙهہ. سڀاڻي آءٌ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻي انهيءَ جبل جي چوٽيءَ تي بيهندس.


۽ جيسين ڪ ٻوڏ آئي ۽ انهن سڀني کي لوڙهي ويئي، تيسين انهن کي خبر ڪانہ هئي، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو.


تہ انهي نوڪر جو ڌڻي اهڙي ڏينهن اچي سهڙندو، جنهن جو هن کي خيال بہ ڪونہ هوندو، ۽ هو اهڙيءَ گهڙيءَ ۾ ايندو، جنهن جي هن کي خبر ئي ڪانہ هوندي.


پر اڌ رات جو هُل ٿيو تہ ڏسو گهوٽ ٿو اچي! نڪري اچي کيس گڏجو.


ڇالاءِ جو اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ خداوند جو ڏينهن ائين ايندو جيئن رات جو ڪو چور اچي.


تنهن تي يشوع پاڻ سان سڀ جنگي ماڻهو، ۽ سڀ بهادر مرد وٺي جلجال مان نڪتو.


۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو.


۽ هن انهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ڏسو، اوهين شهر وٺڻ جي لاءِ انهي جي پٺيان لڪي ويهي رهجو، ۽ شهر کان گهڻو پري نہ وڃجو، پر سڀ تيار ٿي ويهجو:


پر خداوند جو ڏينهن چور وانگر اچي نڪرندو؛ انهي ۾ آسمان ڏاڍي ڪڙڪي سان هليا ويندا، ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري ڳري ويندا، ۽ زمين ۽ جيڪي مٿس آهي، سو سڙي ويندو.


تنهنڪري هاڻي تون، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو تو ساڻ آهن، سي رات جو اُٿو، ۽ وڃي ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ