Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 8:29 - Sindhi Bible

29 ۽ عئي جي بادشاهہ کي هن وڻ تي ڦاسي ڏني، ۽ هو شام تائين اُتي لٽڪيو پيو هو: ۽ جنهن وقت سج لٿو، تنهن وقت يشوع حڪم ڏنو تہ انهي جو لاش وڻ تان هيٺ لاهين، ۽ شهر جي اندر اچڻ واري دروازي وٽ اُڇلائي ڇڏين، ۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير رکي ڇڏين، ۽ اهو اڄ ڏينهن تائين اُتي موجود آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 هن عئيءَ جي بادشاهہ کي وڻ ۾ ٽنگي ڦاسي ڏني ۽ انهيءَ جو لاش شام تائين اتي ٽنگيو پيو هو. سج لٿي مهل يشوع جي حڪم سان هنن انهيءَ جو لاش وڻ تان هيٺ لاهي شهر جي ٻاهرين دروازي جي منهن وٽ اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون جيڪو اڄ ڏينهن تائين اتي موجود آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 8:29
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن ابي سلوم کي کنيو ۽ ٻيلي ۾ هڪڙيءَ وڏيءَ کڏ ۾ اُڇلائي وڌائونس، ۽ مٿانئس پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون: ۽ سڀ اسرائيلي ڀڄي پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي ويا.


تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي.


هو سردارن تي بي عزتي ٿو موڪلي ۽ کين رڻ پٽ ۾ ٿو رلائي، جتي ڪابہ واهہ ڪانهي.


خداوند تنهنجي ساڄي هٿ وٽ، پنهنجي غضب جي ڏينهن بادشاهن کي ماريندو.


اُهو تياريءَ جو ڏينهن هو، تنهنڪري يهودين پلاطس کي عرض ڪيو تہ هنن جون ڄنگهون ڀڃجن، ۽ کين کڻائي وڃجي، تہ لاش سبت جي ڏينهن صليب تي نہ رهن (ڇالاءِ تہ اُهو سبت جو ڏينهن هڪ خاص ڏينهن هو.)


۽ اُنهي دم خدا جي ملائڪ اچي ماريس، ڇالاءِ جو هن خدا کي وڏائي نہ ڏني؛ ۽ ڪينئان پئجي ويس، ۽ مري ويو.


۽ خداوند اُهو بہ، انهي جي بادشاهہ سميت، اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هن انهي کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي منجهہ هئا، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان ماريو؛ ڪوبہ ڪونہ ڇڏي ڏنائين، ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان اهڙي هلت ڪيائين جهڙي يريحو جي بادشاهہ سان ڪئي هئائين.


تڏهن هورم، جزر جو بادشاهہ، لڪيس جي مدد لاءِ چڙهي آيو؛ ۽ يشوع انهي کي ۽ انهي جي ماڻهن کي اهڙو ماريو جو انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچايائين.


يريحو جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عئيءَ جو بادشاهہ، جو بيت ايل جي ڀرسان هو، هڪڙو؛


۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍڳ رکي ڇڏيائون، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي؛ انهيءَ طرح خداوند پنهنجي ڪاوڙ جي سختيءَ کان ڦريو، انهي ڪري انهي هنڌ جو نالو عڪور جي وادي رکيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


۽ عئي جي بادشاهہ کي هنن جيئرو پڪڙي ورتو، ۽ انهي کي يشوع وٽ وٺي آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ