۽ جيڪي شهر ۾ هئا سي هنن کي گڏجڻ لاءِ شهر مان نڪتا؛ انهي طرح هو اسرائيل جي وچ ۾ اچي پيا، ڪي هن پاسي ۽ ڪي هن پاسي: ۽ هنن انهن کي ايتري قدر ماريو، جو اُنهن مان هڪڙو بہ باقي ڪونہ بچيو، يا ڀڄي ڇٽو.
۽ هيئن ٿيو تہ جنهن بيابان ۾ هو اسرائيلين جي پٺيان پيا هئا، اُتي جڏهن اسرائيلي ميدان ۾ عئي جي سڀني رهاڪن کي قتل ڪري رهيا، ۽ جڏهن اُهي سڀ ترار جي ڌار سان مري کپي ويا، تڏهن سڀ اسرائيلي عئي ڏي موٽي آيا، ۽ شهر وارن کي ترار جي ڌار سان ماريائون.
۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا: