Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 8:20 - Sindhi Bible

20 ۽ جڏهن عئيءَ جي ماڻهن پنهنجي پٺيان نهاريو، تہ ڏسن تہ شهر جو دونهون آسمان تائين چڙهي ويو آهي، ۽ هنن کي ڪنهن پاسي بہ ڀڄڻ جي طاقت نہ رهي: ۽ جيڪي ماڻهو بيابان ڏي ڀڳا هئا سي پنهنجو پيڇو ڪندڙن تي موٽي ڪاهي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 عئيءَ جي ماڻهن جڏهن پوئتي نهاريو تہ ڇا ڏٺائون تہ شهر جو دونهون آسمان سان پيو ڳالهيون ڪري، تڏهن هنن کي ڪنهن بہ پاسي بچي نڪرڻ جو وجھہ ڪونہ مليو، ڇو تہ بيابان ڏانهن ڀڄندڙ بني اسرائيل پڻ پنهنجو پيڇو ڪندڙن تي حملو ڪرڻ لاءِ پوئتي ڦري پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 8:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن سدوم ۽ عمورہ ڏانهن ۽ ميدان جي ساريءَ زمين ڏانهن نهاريو، ۽ ڇا ٿو ڏسي تہ انهيءَ زمين جو دونهون کوري جي دونهين وانگر مٿي پيو چڙهي.


پر شرير جون اکيون انڌيون ٿينديون ۽ انهن کي ڀڄڻ جو رستو ڪونہ ملندو، ۽ انهن جي اُميد رڳي اها هوندي تہ پنهنجو ساهہ ڇڏين.


مضبوط دل وارن جو مال لٽجي ويو، هو غفلت جي ننڊ ۾ سمهي رهيا؛ ۽ زور وارن مان ڪنهن هڪڙي بہ هٿ نہ ڊگهيريو.


اها نہ رات جو وسامندي نہ ڏينهن جو؛ انهيءَ جو دونهون هميشہ مٿي پيو چڙهندو: اها پيڙهي بہ پيڙهي ويران پيئي هوندي؛ هميشہ تائين انهيءَ مان ڪوبہ ڪونہ لنگهندو.


۽ انهي وقت سڀ لڪل ماڻهو پنهنجي جاءِ تان نڪري ٻاهر ٿيا، ۽ هن جي هٿ ڊگهيرڻ شرط اُٿي ڊوڙيا: ۽ شهر ۾ گهڙي اُهو ورتائون؛ ۽ انهيءَ کي باهہ ڏنائون.


۽ جڏهن يشوع ۽ سڀني اسرائيلين ڏٺو تہ لڪل ماڻهن وڃي شهر ورتو آهي، ۽ شهر جو دونهون مٿي چڙهيو آهي، تڏهن هو پٺتي موٽيا، ۽ عئي جي ماڻهن کي قتل ڪيائون


۽ جن زمين جي بادشاهن ساڻس زناڪاري ۽ عيش عشرت ڪئي، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا، تڏهن سندس لاءِ روئندا ۽ پِٽيندا.


۽ هنن وري ٻيو ڀيرو پڪاري چيو تہ هاليلوياهہ. ۽ انهي جي سڙڻ جو دونهون هميشہ تائين پيو اُٿندو.


هاڻي اسرائيل جي ماڻهن، ۽ لڪي ويٺل ماڻهن جي وچ ۾ اها نشاني مقرر ڪئي ويئي هئي تہ هو شهر مان دونهين جو وڏو ڪڪر مٿي چاڙهين.


پر جڏهن شهر مان دونهين جو ٿنڀ مٿي چڙهڻ لڳو، تڏهن بنيمين پٺيان نهاريو ۽ ڏسن تہ سڄي شهر مان دونهون آسمان تائين پيو چڙهي.


تڏهن اسرائيل جي ماڻهن موٽي بنيمين جي ماڻهن کي حيران پريشان ڪيو: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ مصيبت اچي مٿان ڪڙڪي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ