Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 8:2 - Sindhi Bible

2 ۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تون عئي شهر ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان بہ ائين ئي ڪجانءِ جيئن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ، پر هن دفعي اوهين انهي جي لٽ جو مال ۽ چوپايو مال ڀلي پنهنجي لاءِ رکجو. شهر تي قبضي جي لاءِ اوهين انهيءَ جي پٺيان لڪي تيار ٿي ويهجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 8:2
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يربعام هنن جي پٺيان هڪڙو لڪل لشڪر چوڌاري ڦيرائي آندو: جنهن ڪري هو يهوداہ جي اڳيان هئا، ۽ لڪل لشڪر هنن جي پٺيان هو.


جڏهن هو ڳائڻ ۽ تعريف ڪرڻ لڳا، تڏهن خداوند بني عمون ۽ بني موآب ۽ بني شعير جبل، جي يهوداہ جي برخلاف ڪاهي آيا، تن جي برخلاف ڄڪ هڻڻ وارا ويهاري ڇڏيا؛ ۽ هنن شڪست کاڌي.


بيشڪ هرڪو ماڻهو اجائي ڏيک سان ٿو هلي: ۽ اجايو بي آرام ٿو ٿئي: هو مال گڏ ٿو ڪري ۽ خبر ڪانہ اٿس تہ اُهو ڪنهن کي ملندو.


چڱو ماڻهو پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو؛ پر گنهگارن جي دولت سچن جي لاءِ سانڍي رکيل آهي.


ايماندار ماڻهوءَ کي بي انداز برڪتون حاصل ٿين ٿيون، پر جيڪو دولتمند ٿيڻ لاءِ تڪڙ ڪري ٿو سو بي سزا رهجي نہ ويندو.


جيئن تتر انهن ٻچن کي گڏ ڪري جي پاڻ نہ ڏنا هجنس، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو ناحق دولت حاصل ٿو ڪري، هن جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اُها کيس ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ هو بيوقوف ٿيندو.


بابل جي ڀتين جي سامهون هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، پهرو مضبوط ڪريو، پهري وارا مقرر ڪريو، لڪي ويهڻ جون جايون تيار ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند بابل جي رهاڪن جي نسبت ۾ جيڪي چيو هو، اُن موجب رٿيو بہ آهي، ۽ ڪيو بہ آهي.


رڳو چوپايو مال، ۽ جيڪي شهر ورتا هئاسين، تن جي لٽ جو مال اسان غنيمت ڄاڻي پاڻ وٽ رکيو.


پر زالون، ۽ ٻار، ۽ ڍور ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر ۾ هجي، يعني انهي جو سمورو لٽ جو مال، تون پنهنجي لاءِ رکج؛ ۽ تنهنجن دشمنن جي لٽ جو مال، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي، سو تون ڀلي کائج.


۽ خداوند مون کي چيو، تہ هن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو مون هن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي، ۽ سندس سڄي ملڪ کي، تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي؛ تون هن سان بہ ائين ئي ڪر، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جو حسبون ۾ رهندو هو.


هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق ٻڌو تہ يشوع ڪيئن نہ عئي ورتو آهي، ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس؛ جيئن هن يريحو، ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان ڪيو هو تيئن هن عئي ۽ انهي جي بادشاهہ سان بہ ڪيو آهي؛ ۽ هي بہ ٻڌائين تہ جبعون جي رهاڪن اسرائيل سان صلح ڪيو آهي، ۽ انهن منجهہ پيا گذارين؛


۽ انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ ورتو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ترار جي ڌار سان ماريو، پوءِ انهن کي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن سڀني کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين: هڪڙو بہ ڪونہ ڇڏيائين: ۽ مقيدہ جي بادشاهہ سان اهڙي هلت ڪيائين جهڙي يريحو جي بادشاهہ سان ڪئي هئائين.


۽ انهن شهرن جو سڀ لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال، بني اسرائيل غنيمت ڄاڻي پنهنجي لاءِ رکيو؛ پر سڀ ماڻهو هنن ترار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏيا، ۽ انهن کي اهڙو ناس ڪيائون جو هڪڙو بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.


۽ جيڪي بہ شهر ۾ هو، يعني مرد توڙي زالون، ننڍا توڙي وڏا، ڏاند، رڍون، ۽ گڏهہ، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان صفا ناس ڪري ڇڏيائون.


۽ هن اٽڪل پنج هزار ماڻهو کنيا، ۽ انهن کي شهر جي الهندي پاسي، بيت ايل ۽ عئيءَ جي وچ ۾، لڪائي ويهاريائين.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن عئي جي بادشاهہ اهو ڏٺو، تڏهن هو تڪڙا ٿي سوير اُٿيا، ۽ شهر جا ماڻهو، يعني بادشاهہ ۽ سندس قوم، اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ ٺهرايل وقت تي، ميدان جي اڳيان مٿن ڪاهي ويا؛ پر هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ ڪي ماڻهو شهر جي پٺيان لڪا ويٺا آهن.


۽ انهي وقت سڀ لڪل ماڻهو پنهنجي جاءِ تان نڪري ٻاهر ٿيا، ۽ هن جي هٿ ڊگهيرڻ شرط اُٿي ڊوڙيا: ۽ شهر ۾ گهڙي اُهو ورتائون؛ ۽ انهيءَ کي باهہ ڏنائون.


۽ هيئن ٿيو تہ جنهن بيابان ۾ هو اسرائيلين جي پٺيان پيا هئا، اُتي جڏهن اسرائيلي ميدان ۾ عئي جي سڀني رهاڪن کي قتل ڪري رهيا، ۽ جڏهن اُهي سڀ ترار جي ڌار سان مري کپي ويا، تڏهن سڀ اسرائيلي عئي ڏي موٽي آيا، ۽ شهر وارن کي ترار جي ڌار سان ماريائون.


انهي موجب يشوع، ۽ سڀ جنگي مرد، عئيءَ تي ڪاهي وڃڻ لاءِ اُٿيا: ۽ يشوع ٽيهہ هزار بهادر مرد چونڊي ڪڍيا، ۽ انهن کي رات جو موڪلي ڏنائين.


تڏهن اوهين پنهنجي لڪڻ جي جاءِ تان اُٿي کڙا ٿجو، ۽ شهر وڃي وٺجو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا اُهو اوهان جي حوالي ڪندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين شهر وٺو، تڏهن شهر کي باهہ ڏجو: جيئن تہ خداوند حڪم ڏنو آهي: ڏسو، مون اوهان کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.


۽ يشوع هنن کي موڪلي ڏنو: ۽ هو لڪي ويهڻ جي لاءِ روانا ٿيا، ۽ عئيءَ جي الهندي پاسي، عئي ۽ بيت ايل جي وچ ۾ ويهي رهيا: پر يشوع اُها رات پنهنجي ماڻهن منجهہ رهيو.


پر جڏهن جبعون جي رهاڪن ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئيءَ سان ڇا ڪيو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ