Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 8:18 - Sindhi Bible

18 ۽ خداوند يشوع کي چيو تہ جيڪو نيزو تنهنجي هٿ ۾ آهي سو عئي ڏانهن ڊگهير؛ ڇالاءِ جو اُهو شهر آءٌ تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ يشوع جيڪو نيزو سندس هٿ ۾ هو سو شهر ڏانهن ڊگهيريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”جيڪو نيزو تنهنجي هٿ ۾ آهي سو عئيءَ شهر ڏانهن ڊگھيڙ، اهو شهر آءٌ تنهنجي حوالي ڪرڻ وارو آهيان.“ سو يشوع اهو نيزو عئيءَ شهر ڏانهن ڊگھيڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 8:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هن خدا جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي، ۽ قادر مطلق جي برخلاف هو مغروريءَ سان هليو آهي؛


تيرن جي بٿي هن جي سامهون کڙڪي ٿي، ۽ چمڪندڙ نيزو ۽ بڙڇي بہ.


۽ تون پنهنجي لٺ کڻ ۽ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهير، ۽ انهيءَ کي چيري ٻہ حصا ڪر؛ ۽ بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگهي ويندا.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ فرعون وٽ وڃ، ۽ چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئُہ تہ پنهنجو هٿ لٺ سوڌو، ندين تي، نهرن تي، ۽ تلائن تي ڊگهير تہ ڏيڏر مصر جي ملڪ تي ڪاهي اچن.


۽ آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس ۽ فرعون جون ٻانهون ڪِري پونديون: ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجي ترار بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اُها هو مصر جي زمين تي ڊگهيريندو.


۽ عئي ۾، توڙي بيت ايل ۾، هڪڙو بہ اهڙو ماڻهو ڪونہ رهيو جو اسرائيل جي پٺيان نہ ويو: ۽ هو شهر کي کليل ڇڏي اسرائيل جي پٺيان پيا.


۽ انهي وقت سڀ لڪل ماڻهو پنهنجي جاءِ تان نڪري ٻاهر ٿيا، ۽ هن جي هٿ ڊگهيرڻ شرط اُٿي ڊوڙيا: ۽ شهر ۾ گهڙي اُهو ورتائون؛ ۽ انهيءَ کي باهہ ڏنائون.


ڇالاءِ جو جيستائين يشوع عئي جا سڀ رهاڪو صفا ناس ڪري نہ ڇڏيا، تيستائين جنهن هٿ سان هن نيزو ڊگهيريو هو، سو هٿ پٺتي نہ ڇڪيائين.


تڏهن اوهين پنهنجي لڪڻ جي جاءِ تان اُٿي کڙا ٿجو، ۽ شهر وڃي وٺجو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا اُهو اوهان جي حوالي ڪندو.


۽ فلستي وڌي آيو، ۽ دائود جي ويجهو آيو؛ ۽ سندس زرهہ بردار سندس اڳيان هليو.


تڏهن دائود فلستيءَ کي چيو تہ تون مون تي ترار، ۽ نيزو، ۽ بڻڇي کڻي ٿو اچين، پر آءٌ توتي لشڪرن جي خدا، اسرائيل جي لشڪرن جي خدا جي نالي سان ٿو اچان، جنهن کي تو هاڪاريو آهي.


۽ هن کي ٽَنگن تي پتل جا جهاڙولا پيل هئا، ۽ ڪلهن جي وچ تي هڪڙي پتل جي بڻڇي رکيل هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ