Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 8:14 - Sindhi Bible

14 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن عئي جي بادشاهہ اهو ڏٺو، تڏهن هو تڪڙا ٿي سوير اُٿيا، ۽ شهر جا ماڻهو، يعني بادشاهہ ۽ سندس قوم، اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ ٺهرايل وقت تي، ميدان جي اڳيان مٿن ڪاهي ويا؛ پر هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ ڪي ماڻهو شهر جي پٺيان لڪا ويٺا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جڏهن عئيءَ جي بادشاهہ کي اها خبر پيئي تڏهن هو پاڻ ۽ سندس شهر جا ماڻهو صبح جو سوير اُٿي تڙ‌تڪڙ ۾ تياري ڪري اردن ماٿريءَ جي سامهون بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيا. پر کين اها خبر ڪانہ هئي تہ ڪي ماڻهو شهر جي پٺيان بہ لڪا ويٺا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 8:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ماڻهوءَ کي بہ پنهنجي وقت جي خبر ناهي: جيئن مڇيون خراب ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، ۽ جيئن پکي دام ۾ ڦاسائبا آهن، تيئن انسان بہ خراب وقت ۾ ڦاسندا آهن، جڏهن اُهو انهن جي مٿان اوچتو اچيو ڪڙڪي.


ضعن جا شهزادا بلڪل بي عقل آهن؛ فرعون جي تمام ڏاهن جي صلاح حماقت آهي: فرعون کي اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ آءٌ ڏاهن جو پٽ ۽ شاهاڻي نسل مان آهيان؟


ضعن جا شهزادا بيوقوف ٿي پيا آهن، نوف جا شهزادا ٺڳجي ويا آهن؛ جيڪي مصر جا ڪنڊ وارا بنيادي پٿر آهن، تن ان کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي.


اڃا اها ڳالهہ بادشاهہ جي وات تي ئي هئي، تہ آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ اي بادشاهہ نبوڪدنضر، توکي چيو ٿو وڃي تہ بادشاهي تنهنجي هٿان نڪري ويئي آهي.


۽ جيسين ڪ ٻوڏ آئي ۽ انهن سڀني کي لوڙهي ويئي، تيسين انهن کي خبر ڪانہ هئي، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو.


تہ انهي نوڪر جو ڌڻي اهڙي ڏينهن اچي سهڙندو، جنهن جو هن کي خيال بہ ڪونہ هوندو، ۽ هو اهڙيءَ گهڙيءَ ۾ ايندو، جنهن جي هن کي خبر ئي ڪانہ هوندي.


هي اهي ڳالهيون آهن جي موسيٰ يردن جي هن ڀر بيابان ۾، يعني آرباہ جي ميدان ۾، سوف جي سامهون، فاران، ۽ طوفل، ۽ لابن، ۽ حصيرات، ۽ ديذهب جي وچ ۾، سڀني اسرائيلين کي چئي ٻڌايون.


۽ جڏهن هو ماڻهو قطارن ۾ ويهاريا ويا، يعني جيڪو سڄو لشڪر شهر جي اُتر ڏي هو سو، ۽ لڪي ويهڻ وارا جي شهر جي اُلهندي ڏي هئا؛ تڏهن يشوع انهيءَ رات واديءَ جي وچ ۾ ويو.


تڏهن يشوع ۽ سڀيئي اسرائيلي بيابان جو رستو وٺي اُٿي ڀڳا، ڄڻ تہ هنن جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن.


پوءِ جيڪي ماڻهو عئي ۾ هئا تن کي سڏي گڏ ڪيائون، انهي لاءِ تہ هنن جي پٺيان پون: ۽ اُهي يشوع جي پٺيان پيا، ۽ شهر کان پري نڪري ويا.


۽ آءٌ ۽ ٻيا سڀ ماڻهو جي مون سان آهن سي شهر کي ويجهو وينداسين: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو اسان تي ڪاهي ايندا تڏهن اسين اڳي وانگر سندن اڳيان اُٿي ڀڄنداسين:


۽ اهي لالچ جي ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي اوهان مان فائدو حاصل ڪندا. ۽ انهن جي بابت قديم زماني کان وٺي جيڪا سزا جي فتويٰ مليل آهي، سا وڌيڪ مهمل نہ رهندي، ۽ سندن بربادي ويجهي آئي آهي.


۽ انهن لڪي ويٺل ماڻهن جلدي ڪري جبعہ تي حملو ڪيو؛ ۽ اهي لڪي ويٺل نڪري ٻاهر ٿيا، ۽ سڄي شهر کي ترار جي ڌار سان ماريائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ