Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 7:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو ڪنعاني، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري گهيري ويندا، ۽ زمين تان اسان جو نالو ئي ميٽجي ويندو: پوءِ تون پنهنجي وڏي نالي لاءِ ڇا ڪندين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڪنعاني ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري وڪوڙي ويندا ۽ ڌرتيءَ تان اسان جو نالو ئي مِٽائي ڇڏيندا. پوءِ تون پنهنجي عظيم نالي لاءِ ڇا ڪندين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 7:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان کي نہ، اي خداوند، اسان کي نہ، پر تون پنهنجي نالي کي جلال ڏي، پنهنجي رحم ۽ پنهنجي سچائيءَ جي خاطر.


اي خداوند جهڙو تنهنجو نالو آهي، تهڙي ئي تنهنجي تعريف زمين جي ڇيڙي تائين پيئي ٿئي: تنهنجو ساڄو هٿ سچائيءَ سان ڀرپور آهي.


اي اسان جي نجات جا خدا تون پنهنجي نالي جي جلال جي واسطي اسان جي مدد ڪر: تون پنهنجي نالي جي صدقي اسان کي ڇڏاءِ، ۽ اسان جي گناهہ جو ڪفارو ڏي.


انهن چيو آهي تہ اچو تہ هنن کي تباهہ ڪريون تہ هو هڪڙي قوم نہ سڏجن؛ ۽ اڳتي اسرائيل جو نالو ياد نہ رهي.


ڇو جو انهن يڪمشت ٿي صلاح ڪئي آهي؛ ۽ تنهنجي برخلاف پاڻ ۾ عهد ڪيو اٿن:


ڇو مصري چون تہ هو کين ڪنهن خرابيءَ جي لاءِ ڪڍي وٺي ويو، تہ اُنهن کي جبلن ۾ ماري وجهي، ۽ کين زمين جي سطح تائين مٽائي ڇڏي؟ تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ، ۽ پنهنجيءَ اُمت تي اها مصيبت آڻڻ جي ارادي کي ڇڏي ڏي.


پر مون پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو تہ جن قومن منجهہ هو هئا، ۽ جن جي ڏسندي مون هنن کي پاڻ ڄاڻايو، جو مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندومان، تن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ٿئي.


ڀلي تہ ڪاهن، جي خداوند جا خدمتگار آهن، سي ڏيڍيءَ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ روئن، ۽ چون تہ اي خداوند پنهنجي قوم کي معاف ڪر، ۽ پنهنجي ميراث تي اُها خواري نہ آڻ تہ قومون انهن تي حڪم هلائين: ڇو هو قومن جي وچ ۾ چون تہ هنن جو خدا ڪٿي آهي؟


تڏهن منهنجو دشمن اهو ڏسي شرمندگيءَ سان ڍڪجي ويندو، جنهن مون کي چيو تہ خداوند تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ منهنجون اکيون انهي کي ڏسنديون؛ هاڻي هو گهٽين جي مٽيءَ وانگي لتاڙجي ويندو.


پر موسيٰ خداوند کي چيو تہ پوءِ مصري اهو ٻڌندا، ڇالاءِ جو تو هن اُمت کي انهن ماڻهن منجهان پنهنجيءَ طاقت سان ڪڍي ٻاهر آندو آهي؛


اي بابا، پنهنجي نالي کي جلال ڏي. تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ مون جلال ڏنو اٿس، ۽ وري بہ ڏيندوسانس.


ائين نہ ٿئي تہ جنهن ملڪ مان تون اسان کي ڪڍي آيو آهين، تنهن ملڪ جا ماڻهو چون تہ جنهن ملڪ جو خداوند انهن سان واعدو ڪيو هو، تنهن ۾ کين پهچائي نہ سگهيو، ۽ خداوند کي انهن سان نفرت هئي، تنهنڪري کين ٻاهر ڪڍي آيو تہ بيابان ۾ انهن کي قتل ڪري.


تڏهن خداوند يشوع کي چيو تہ اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ڇو هيئن منهن ڀر پيو آهين؟


اي خداوند، جڏهن اسرائيلي پنهنجن دشمنن جي اڳيان پٺ ڏيئي ٿا ڀڄن، تڏهن آءٌ ڇا چوان؛


۽ خداوند پنهنجي وڏي نالي جي سببان، پنهنجي قوم کي ڪين ڇڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند جي مرضي اها آهي تہ اوهان کي پنهنجي قوم ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ